سنڌ جي مختلف شھرن ۾ عوامي تحريڪ پاران وسيلا بچائڻ لاءِ ريليون ڪڍيون ويون
سنڌ جي مختلف شھرن ۾ عوامي تحريڪ پاران وسيلا بچائڻ لاءِ ريليون ڪڍيون ويون
نوشهرو فيروز (ڊر) عوامي تحريڪ طرفان نوشهرو فيروز پڊعيدن ۽ ڦُل ۾ سنڌ جون زمينون، وسيلا ۽ سنڌو درياءُ بچايو ريليون ڪڍيون ويون. ريلين جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، حسين سومرو، سلام سومرو، ڊاڪٽر فدا ڀريجو، سڪندر سولنگي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته اليڪشن جي دوران وفاقي نگران سرڪار سنڌ مٿان ون يونٽ مڙھي، سنڌ جي پاڻي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪيو آهي. پاڪستان جي خالق سنڌي قوم کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي ٻئي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي نمائندگي ڪندڙ پارٽيون آهن. ٻئي پارٽيون هڪڙي ئي سڪي جا ٻه پاسا آھن. سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي، لکين زمينن تي ڪيل قبضن خلاف ٻئي خاموش آھن. ايم ڪيو ايم ڄاتل سڃاتل سنڌ دشمن ۽ دھشتگرد ٽولو آھي. جن ھزارين بيگناھ انسانن کي قتل ڪيو، ٻوري بند لاش ڏنا، سنڌين سان گڏ اردو ڳالھائيندڙ آبادي سان به ظلم ڪيا. ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن کي آباد ڪرڻ خلاف مھم ھلائي. ايم ڪيو ايم جو منشور سنڌ دشمني تي ٻڌل آھي. جي ڊي اي ۽ پيپلز پارٽي وٽ عوام ۽ سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن کي بچائڻ جي ڪابه ايجنڊا ڪونهي، ٻئين ڌريون ڊيل ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون. بلاول زرداري ڪوڙا اعلان ڪري عوام کي گمراھ ڪري رھيو آھي. پيپلز پارٽي نوان صوبا ٺاھڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي افغانين جي حمايت ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي بوگس آدمشماري ڪرائي سنڌين مٿان هندستانين، بيهارين، برمين، افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي مڙهيو. ستار رند چيو ته گذريل سال ھٿرادو ٻوڏ آڻي نوشھرو ضلعي کي ٻوڙي عوام کي دربدر ڪيو ويو ۽ سڄي دنيا مان اربين روپيا فنڊ گڏ ڪري پيپلزپارٽي ۽ بيوروڪريٽ کائي ويا. مسڪينن ۽ ٻوڏ متاثرن کي نه دوائون مليون، نه راشن ۽ نه وري تنبو ڏنا ويا. زرعي صوبي ۾ ڀاڻ اڻلڀ آھي. سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ 8 فيبروري تي غليل تي ٺپو هڻي، عوامي تحريڪ جي اميدوار کي ڪامياب ڪريو. نوشهرو فيروز ضلعي جي پي ايس 34 تان سڪندر علي سولنگي ۽ پي ايس 35 تان غلام رسول ڀنگر عوامي تحريڪ جا نامزد اميدوار آهن، انهن کي ڪامياب ڪريو، سنڌ جون زمينون، وسيلا ۽ درياءُ بچايو. هن وڌيڪ چيو ته زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه تي ڌاڙيل ڪينال اڏيا پيا وڃن. سنڌ جو عوام سجاڳ ٿئي هر هڪ اقتداري نمائندي کان پڇاڻو ڪري، جيڪڏھن سنڌ مٿان ٿيندڙ حملن خلاف اسين ڪا جدوجهد نه ڪريون ته اسان کان به پڇاڻو ڪريو اهو توهان جو بنيادي حق آهي.