ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول جي ھاء اسڪول ڄار بابت ميڊيا تي آيل خبرن جو ڊي سي پاران نوٽيس

سنڌي خبرون 03rd Nov 2023 260 مناظر

اسڪول جي عمارت جي مرمت ۽ ھاء اسڪول ڄار ۾ نائين ۽ ڏھين جا ڪلاس شروع ڪرڻ جو حڪم

سجاول (ڊر) سجاول جي ھاء اسڪول ڄار بابت ميڊيا تي خبرون اچڻ تي نوٽيس ڊي سي نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪرڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ لاڳاپيل عملدارن سان گڏ ڄار ڳوٺ پهچي غيرفعال بڻيل ھاء اسڪول جي عمارت ۽ مڊل اسڪول ڄار جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ھن ايجوڪيشن ورڪس انجنيئر کي عمارت جي بهتر مرمت ڪرائڻ سميت ڊي او تعليم کي ھاء اسڪول ڄار ۾ نائين ۽ ڏھين درجي جا ڪلاس شروع ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو تعليم کاتي سجاول جي عملدارن کي ڊي سي ھدايتون ڏيندي چيو ته مختصر وقت ۾ گهربل قانوني گهرجون مڪمل ڪري ايندڙ نئين تعليمي سال کان ھاء اسڪول ڄار جي تعمير ٿيل عمارت ۾ تدريسي عمل شروع ڪيو وڃي ڊپٽي ڪمشنر ڳوٺ ڄار جي دوري وقت صحت مرڪز ڄار جو پڻ دورو ڪيو ڊپٽي ڪمشنر جي دوري وقت ڊپٽي ڊي او تعليم سجاول اشرف شاعر صحت کاتي جو ڊاڪٽر انور ميمڻ پبلڪ ھيلٿ سب انجنيئر عثمان ميمڻ ورڪس ۽ پي پي ايڇ آئي جا عملدار ھيڊ ماستر احمد پارھيڙي ڳوٺ ڄار جا معززين وڏيرو موسا پارھيڙي عبدالله کٽي محمد حسن ميربحر ۽ ٻيا موجود ھئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ