شڪارپور ۾ ٻن قومي ۽ ٽن صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي نامزدگي فارم جمع ٿي ويا
شڪارپور ۾ ٻن قومي ۽ ٽن صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي نامزدگي فارم جمع ٿي ويا
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جي ٻه قومي ۽ ٽن صوبائي اسيملبي جي تڪن تي اميدوارن پنهنجا نامينيشن فارم جمع ڪرائي ڇڏي انهي سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع شڪارپور جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري سماجي اڳواڻ ڪامريڊ احسان علي جيھو ابڙو قومي اسيمبليء جي تڪ اين . اي . 193 تي پنھنجو نامينيشن فارم داخل ڪرائي ورتو رابطو ڪرڻ تي احسان علي جيھو ابڙو ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته اليڪشن ۾ ھن جي بيھڻ جو اصل مقصد اھو آھي ته سنڌ جي ماڻھن کي گذريل 15 سالن کان سامراجي مافيائن يرغمال ڪندي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم جا حق ھڙپ ڪيا آھن . سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف ايوان ۾ وڃي ڪري آواز اٿاريندس .