جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

جسقم چيئرمين صنعان قريشي پاران 15 ڊسمبر تي نون ڪئنالن خلاف مٽياري باءِ پاس تي ڌرڻي جو اعلان

سنڌي خبرون 13th Dec 2024 334 مناظر
جسقم چيئرمين صنعان قريشي پاران 15 ڊسمبر تي نون ڪئنالن خلاف مٽياري باءِ پاس تي ڌرڻي جو اعلان

سنڌ جي عوام جو جياپو سنڌو درياءُ تي آھي سنڌوءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي: صنعان قريشي

ٺٽو(ڊ ر)جسقم چيئرمين صنعان قريشي پاران 15 ڊسمبر تي مٽياري باءِ پاس تي وڏي احتجاجي ڌرڻي جو اعلان، سنڌ جي عوام جو جياپو سنڌو درياءُ تي آھي سنڌوءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي. ٺٽي مڪلي جي جهيڙيندڙ خشڪ برادري سميت سنڌ اندر قبيلائي جهيڙن کي روڪڻ لاء منٿ ميڙ قافلا کڻي ڌرين کي ٺاھ تي راضي ڪيو ويندو ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو پيو وڃي جيڪو برداشت جوڳو نه آھي، اهڙو اظهارجسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پارٽي اڳواڻن سرور خشڪ بابو خشڪ نظام جوکيو نصرالله خشڪ سراج خشڪ ۽ ٻين سان گڏ ٺٽي لڳ سينيئر صحافي محبوب بروهي ۽ آپڪا اڳواڻ تاج حسين بروهي جي والد جي وفات تي عذر خواهي جي موقعي تي ڳالهيون ڪندي ڪيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ