جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

شهدادپور ويجهو شادي نه ڪرائڻ تان پٽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 31st Dec 2025 322 مناظر
شهدادپور ويجهو شادي نه ڪرائڻ تان پٽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

جوابدار ڪجهه عرصو اڳ پنهنجو نازو عضوو به ڪاٽي چڪو، سندس ذهني توازن درست ناهي: وارث

شهدادپور (رپورٽر) شهدادپور ڳوٺ شير خان لغاري ۾ وحشي صفت جوابدار اڪبر لاکو ڪمري ۾ ستل 60 ورهين جي پيرسن پيءُ وارث لاکو کي ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، علي اصغر لاکو جو چوڻ هو ته ڀاءُ جو ذهني توازن درست ناهي، اڳ ۾ به پنهنجو نازڪ عضوو وڍي کائي ويو هو ڀاءُ هر هڪ سان جهيڙو ڪندو هو، سندس علاج به جاري هو ، پوليس موجب جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪندي چيو ته شادي نه ڪرائڻ تان والد کي قتل ڪيو آهي، پوليس مڙھ تحويل ۾ وٺي سِمس اسپتال منتقل ڪيو،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ