ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير بچايو امن ڪميٽي جي جدوجهد رنگ لاتو، عارف اتيرو قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار

سنڌي خبرون 26th Feb 2025 244 مناظر
ملير بچايو امن ڪميٽي جي جدوجهد رنگ لاتو، عارف اتيرو قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار

اسٽيل ٽائون بچت بازار ۾ قتل ٿيل پورهيت زاهد ميراڻي جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير بچايو امن ڪميٽي جي جدوجهد رنگ لاٿو، اسٽيل ٽائون پويس طرفان عارف اتيرو جو مک جوابدار گرفتار، 2 مهينا اڳ گهگهر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ اسٽيل ٽائون جاچ پوليس اهلڪار خمسيو جوکيو جي قاتل کي به گرفتار ڪيو هو، زاهد ميراڻي جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا، تفصيل موجب ملير بچايو امن ڪميٽي جي جدوجهد رنگ لاٿو، 2 مهينا اڳ گهگهر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيل عارف اتيرو جي مک قاتل سڪندر عرف نادر کوسو کي اسٽيل ٽائون پوليس ايس آئي او نظر محمد منڱريو ۽ سندس ٽيم ڪاروئي ڪري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي واضح رهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ اسٽيل ٽائون جاچ پوليس اهلڪار خمسيو جوکيو جي قاتل کي به گرفتار ڪيو هو جڏهن ته اسٽيل ٽائون بچت بازار ۾ قتل ڪيل زاهد ميراڻي جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ