ٺٽو: لوني ڪوٽ جي ڳوٺ حبيب شورو ۾ غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ ماڊل وليج جو افتتاح
نئين "ماڊل وليج" جي مالڪن کي چاٻيون ڏيڻ جي حوالي سان هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ٺٽو لوني ڪوٽ جي ڳوٺ حبيب شورو ۾ غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ ماڊل وليج جو افتتاح، نئين "ماڊل وليج" جي مالڪن کي چاٻيون ڏيڻ جي حوالي سان هڪ پروقار تقريب منعقد ٿي، ٺٽي جي لوني ڪوٽ علائقي جي حبيب شورو ڳوٺ ۾ غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ ٺهيل نئين "ماڊل ڳوٺ" جي مالڪن کي چاٻيون ڏيڻ جي حوالي سان هڪ پروقار تقريب منعقد ٿي گذري. تقريب ۾ سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر کاتن واري وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي مهمان خاص حي حيثيت سان شرڪت ڪئي. هي ماڊل ڳوٺ امردو ”AMRDO“ پاڪستان جي اڳواڻي ۾ مسلم چيئرٽي اداري جي مالي مدد سان "Adoption" اپنائڻ پروگرام جي تحت مڪمل ڪيو ويو آهي. هن منصوبي تحت، ڳوٺ جي غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ 35 گهرن جي اڏاوت ڪئي وئي آهي ، جن جون چاٻيون مستحق خاندانن کي ڏنيون ويون آهن. ماڊل ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون جهڙوڪ رهائش، تعليم، صحت، صاف پاڻي، مسجد، ڪميونٽي هال ۽ پارڪ شامل آهن. ان کان علاوه، هڪ بيوه عورت لاءِ ڪاروباري موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ دڪان پڻ کولي ڪري ڏني وئي آهي ته جيئن هو پنهنجي گهر جي ڪفالت ڪري سگهي. افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر کاتن جي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي منصوبي کي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پائيدار ترقي ۽ خود ڪفيليءَ کي هٿي ڏيڻ جو هڪ اهم ذريعو قرار ڏنو. صوبائي وزير مسلم چيئرٽي ۽ AMRDO پاڪستان جي خدمتن کي سارايو. تعليم جي اسپيشل سيڪريٽري سيد امداد حسين شاهه تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙا منصوبا نه صرف متاثر خاندانن جي زندگين ۾ تبديلي آڻيندا آهن بلڪه انهن جي ايندڙ نسل لاءِ به بهتر موقعا فراهم ٿيڻ جو سبب ثابت ٿيندا. هن سنڌ حڪومت پاران ڀلائي جي منصوبن لاءِ مدد جو يقين ڏياريو. بعد ۾، صوبائي وزير نئين قائم ٿيل ٽن ڪمرن واري چاڪڙ خان شورو اسڪول جو افتتاح پڻ ڪيو جتي هن ٻارن ۾ ڪتاب ۽ ٿيلها پڻ ورهايا. سيد رياض حسين شاهه شيرازي جي اعزاز ۾ چاڪر خان شورو پاران ڏنل استقباليه جي موقع ته امردو جي روحاني پيشوا غفار ڇڇر ۽ سماجي اڳواڻ خطاب ڪندي صوبائي وزير جو علاقي کي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ منصوبو مڪمل ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ان جي سهڪار کي سارايو. تقريب ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، جن ۾ محمد خان ابڙو، شوڪت ميمڻ، ۽ شبير شورو شامل هئا. سڀني معزز مهمانن کي سنڌي اجرڪ ۽ ثقافتي تحفا پيش ڪيا ويا. تقريب جي پڄاڻي ان عزم سان ٿي ته پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين سهولتن کان محروم علائقن ۾ به اهڙا منصوبا شروع ڪيا وڃن ته جيئن غريب ۽ حقدار ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو ملي سگهي.