جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ امام بارگاهه ياسين آباد مهران ٽائون ۾ مجلس عزا برپا

سنڌي خبرون 04th Aug 2025 283 مناظر
نوشهروفيروز ۾ امام بارگاهه ياسين آباد مهران ٽائون ۾ مجلس عزا برپا

مجلس عزا کي نامور عالم دين علامه سيد شهنشاھ حسين نقوي ۽ ٻين خطاب ڪيو

نوشهروفيروز (ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ امام بارگاهه ياسين آباد مهران ٽائون ۾ حضرت بي بي سڪينه بنت امام حسين علیہ السلام ، سيده فاطمه معصومه، مظلومه ميمونه ۽ بیبی رقيه جي شهادت جي سلسلي ۾ مجلس عزاءِ منعقد ڪئي وئي۔ مجلس عزا کي نامور عالم دين علامه سيد شهنشاھ حسين نقوي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جنهن حضرت بي بي سڪينه جي شهادت جي حوالي سان سندس زندگي تي تفصيلي روشني وڌي۔ مجلس عزا کانپوء پاڪستان جي مشهور قصيده خوانن طرفان قصيدا پڙهيا ويا۔ مجلس عزاءِ ۾ پوري سنڌ کاڪ هزارين مومنين شرڪت ڪئي۔ جڏهن ته خدمتگار حاجي زنوار محمد ياسين چانڊيو جي طرفان ٿڌي پاڻي جو سبيلون لڳائي ، لنگر ۽ نياز جو پڻ اهتمام ڪيو ويو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ