ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪشمور ۾ مستونگ واقعي خلاف سني تحريڪ پاران قادري مسجد کان پريس ڪلب تائين ريلي

سنڌي خبرون 01st Oct 2023 355 مناظر

دھشتگردن جي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فل فور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ڪشمور ۾ مستونگ واقعي خلاف ڪشمور ۾ سني تحريڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قادري مسجد کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي،
حافظ محمد حنيف مزاري، خالد حسين سڪندري ۽ ٻين پاران مستونگ ۾ 12 ربيع الاول جي نڪتل ريلي تي دھشتگردن جي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فل فور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو
سني تحريڪ ڪشمور جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت سدائين اھلسنت جماعت جي مذھبي تقريبن پروگرامن ۽ ريلين کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي
سدائين مذهبي ڏھاڙن تي اھلسنت ۽ ٻين تنظيمن مٿان دھشتگرد حملا ڪري ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر انهن کي ڄاڻ ناهي ته عاشقان رسول ﷺ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جو محبتي دھشتگردن جي گولين ۽ ڌماڪن کان ڊڄڻ وارا ناهن
مٺي محمد مصطفيٰ ﷺ جي پيروي تي ھلندڙ امتين جا حوصلا بلند آهن
موجوده وقت جي نگران حڪمرانن کان مطالبو ڪيون ٿا ته مستونگ حملي ۾ ملوث دهشتگردن ۽ انهن جي سھولتڪارن کي ڪيفرڪردار تائين پھچايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،
شیئر کریں:

1 تبصرے

احمد نواز
احمد نواز 3 years ago

مستونگ واقعي جي سخت لفظن سان مذمت ڪيون ٿا

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ