ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز: ڳوٺ صاحب خان ڀٽي واسي نادر حسين ڀٽي ٽن ڏينهن کان گم

سنڌي خبرون 21st Jul 2025 216 مناظر
نوشهروفيروز: ڳوٺ صاحب خان ڀٽي واسي نادر حسين ڀٽي ٽن ڏينهن کان گم

ڳولا باوجود نوجوان جو پتو نه پئجي سگهيو، کيس ڳولڻ ۾ مدد ڪئي وڃي: امڙ

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ صاحب خان ڀٽي نوجوان نادر حسين پٽ غلام عباس ڀٽي ٽن ڏينهن کان لاپتا هجڻ سبب امڙ پريشاني واري حالت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي سندس امڙ شبيران ڀٽي پٽ نادر علي ڀٽي جي ڳولا ڪندي پريس ڪلب پهتي جتي هن صحافين کي ٻڌايو ته پٽ گذريل خميس جي ڏينهن تي اهو چئي گهران نڪري ويو ته مان پڦيء ڏي نوشهروفيروز ٿو وڃان جيڪو هن مهل تائين ناهي موٽيو پٽ جو ذهني توازن درست ناهي جنهن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ