جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽي ويجھو 3 ڏينھن اڳ جھيڙِ دوران زخمي ٿيل ھڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو

سنڌي خبرون 12th Nov 2023 78 مناظر

ٺٽي ويجھو 3 ڏينھن اڳ جھيڙِ دوران زخمي ٿيل ھڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو

ٺٽو(ڊر) 3 ڏينهن اڳ ڪينجهر پوليس جي حد ۾ علي بحر ڀرسان تارا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جو هڪ زخمي مهتاب تارو ڪراچي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نہ سھندي فوت ويو، جنھن جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، تارا برادري جي بنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار ھجڻ ڪري تارا برادري جي ھڪ ڌر پاران جھيڙي جي انديشي سبب وڏي تعداد ۾ پوليس کي ڳوٺ وٽ بيھاري ڇڏيو اھي، ياد رھي تہ 3 ڏينھن اڳ تارا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي ۾ عورتن ۽ مردن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا، جيڪي سمورا زخمي اسپتالن ۾ علاج ھيٺ آھن، جن مان ھڪ شخص مھتاب تارو فوت ٿي ويو اھي، جڏھن تہ ڪينجھر پوليس نہ ڪيس داخل ڪيو اھي ۽ نہ ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي اھي، جنھن ڪري وڌيڪ نقصان جو انديشو برقرار اھي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ