جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز جي يوسي گهيڙ گجو ۾ 400 خاندانن ۾ سولر پليٽون ورهايون ويون

سنڌي خبرون 30th Jun 2025 130 مناظر
نوشهروفيروز جي يوسي گهيڙ گجو ۾ 400 خاندانن ۾ سولر پليٽون ورهايون ويون
نوشهروفيروز(ڊر)نوشهروفيروز جي يونين ڪائونسل گهيڙ گجو جي چيئرمين محمد اجمل قريشي شنید اختر عباسی ۽ سندس ٽيم پاران يوسي جي 4 سئو خاندانن ۾ سولر پليٽون ورهائيون ويون ڪلهوڙا اسٽيشن ۾ عباسي هائوس تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سهيل اختر عباسي ، چيئرمين يونين ڪائونسل گهيڙ گجو محمد اجمل قريشي، شنید اختر عباسی ڪائونسلر شڪيل احمد عباسي ۽ ٻين چيو ته اڪثر ڳوٺن ۾ بجليءَ جي خراب صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملندڙ بجيٽ مان غريب ماڻهن جي هن ڪهر جهڙي گرمي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي يوسي جي 4 سئو خاندانن ۾ سولر پليٽون ورهائيون آهن ۽ وڌيڪ به رهجي ويل خاندانن جلد پليٽون ۽ ٻيو سامان ورهائيندا سين هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي هر ممڪن مدد ۽ خدمت جاري رکي آهي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي غريبن کي سهولتون فراهم ڪرڻ واري اعلان کي اڳتي وڌائيندي پنهنجي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون هوڏانهن پليٽون حاصل ڪندڙ ڳوٺاڻن پاران يوسي ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين جي اهڙي عمل کي ساراهيندي چيو هن گرمي ۾ سولر پليٽن جي سخت ضرورت هئي جيڪي ملڻ تي خوشي ٿي آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ