بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

دادو جي واپڊا ايل ايس کي سترهين گريڊ ۾ ترقي

سنڌي خبرون 09th Aug 2023 146 مناظر

بجلي بابت عوامي شڪايتون حل ڪرڻ اولين ترجيح آهي: نصرالله ڏاهري

دادو (رپورٽر) دادو لائين سپرينڊنٽ واپڊا سيپڪو دادو نصرالله ڏاهري کي BPS 17 گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آھي ان موقعي تي نصرالله ڏاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الله تعالى جا لک احسان آھن ۽ آئون ان جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جنهن مونکي ترقي ڏياري دادو شھر جي عوامي خدمت ڪرڻ لاء پنهنجا فرض تندهي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندس ۽ عوام جي بجلي متعلق ۽ ٻين شڪايتن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ مان پنهنجو فرض سمجهان ٿو ۽ بجلي جي صارفين جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏبي ۽ٻئي طرف آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ضلع دادو چيئرمين لاهوتي منير احمد سيال چيو ته لائين سپرينڊنٽ واپڊا نصرالله ڏاهري ھڪ نهايت نفيس طبيت رکندڙ سڀ ۽ هرڪنهن سان مرڪي ملڻ وارو ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ واري جذبي رکندڙ ماڻھون آھي ۽ پاڻ ھميشه پنهنجي ڊيوٽي جا فرائض سر انجام ڏيڻ ۾ ڪا غفلت يا سستي نظر نه آئي آھي پاڻ پنهنجي ٽيم سان گڏجي بجلي جي سارفين جي جائز شڪايتن کي حل ڪرڻ ۽ انهن کي سهوليت پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏيندو ۽ اسين دادو جا شھري سندس کي ترقي ملڻ تي خوشي جو اظھار ۽ مبارڪباد پيش ڪيون ٿا ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ آپڪا احمد علي ڏاهري، اسدالله ڏاهري، مسرور هاليپوٽو ،سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو ، حبيب الله پنهور،صحافي قربان علي کوسو، شفيق احمد پنهور، صحافي علي گل پنهور، صحافي سليم اخترپنهور، شاهد علي گوپانگ حيدر پنهور، قادر بخش سولنگي، سونو خان پنهور پڻ موجود هئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ