جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ، ٽريفڪ سخت متاثر، رھواسي گھرن تائين محدود

سنڌي خبرون 02nd Jan 2024 60 مناظر

سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ، ٽريفڪ سخت متاثر، رھواسي گھرن تائين محدود

ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ، ٽريفڪ سخت متاثر، سيپڪو جا 300 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ، سيپڪو جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب سکر، خيرپور ، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ بجلي بند، سکر، قاضي احمد، شهدادڪوٽ، مورو، هنڱورجا، ٺارو شاهه، قمبر، سيوهڻ، نوشهروفيروز، ڪنڊيارو، بهرام، پيروسڻ، ڪوٽ لالو، دوڙ، فيض گنج، اڪري چودڳي، مدئجي، سجاول جوڻيجو، ڀرياسٽي، ميان صاحب، ٺري ميرواهه، ميهڙ، موهن جو دڙو، پکو، مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ڪوهيڙو، ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ جي نتيجي ۾ عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آھي ماڻهو گهرن تائين محدود ۽ ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿيو سردي ۾ اضافي اچڻ کان پوء لنڊي جي گرم ڪپڙن جي وڪري ۾ تيزي پڻ اچي وئي آھي جڏھن ته ڪوهيڙي سبب سخت سردي هجڻ ڪري سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن ۾ شاگردن شاگردياڻين جي حاضري نه هجڻ جي برابر آھي سرڪاري ادارن جي آفيسن ۾ پڻ سمورو ڪار ونهوار ٺپ لڳو پيو آھي بجلي جو نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو پيروسڻ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيري مروڙو، باغ بچراھ ،ڪڻڇي،کرڙاھ ،ملڪ چودڳي ،حبيب وانڍ ،جعفر خان جلالاڻي ،محمد شاھ ،الشيخ ،ڪوھيڙو جو راج حد نگاھ گهٽجي زيرو وئي سردي ۾ اضافو ٿيڻ سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا ڪوھيڙي سبب نيشنل مھراڻ ھاءِ وي روڊ تي مسافر گاڏين جي آمد رفت ۾ تمام وڏي گھٽتائي،شھر،روڊ رستا ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳا سرديء وڌڻ جي ڪري پيروسڻ ۾ رڌ پچاء ۽ ٻاھ ٻارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ سڪل ڪاٺ جو ريٽ ڊبل ٿي ويو ڪاٺ جي واپارين پاران ڪاٺ جو ريٽ ٻيڻو ڪرڻ تي علائقي واسين پريشان ٻئي طرف بجليءَ جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ عوام کي ٻيڻي آزار ۾ ڪري ڇڏيو آهي ڪاروبار تقريبن نه ھئڻ جي برابر ماڻهو گھرن تائين محدود
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ