بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

شڪارپور پوليس جو ٽارگيٽيڊ آپريشن، 2مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 10th Nov 2024 299 مناظر
شڪارپور پوليس جو ٽارگيٽيڊ آپريشن، 2مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڊاڪٽر حفيظ الله ولد علي محمد ۽ علي گل ولد آصف پنهور کي بازياب ڪرايو ويو

شڪارپور (احسان ابڙو )شڪارپور پوليس ٿاڻي ڳاهيجا ڪچي جي علائقي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران ٻن مغوين کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو.بازياب ٿيل مغوين جي سڃاڻپ ڊاڪٽر حفيظ الله ولد علي محمد ۽ علي گل ولد آصف پنهور طور ٿي آهي. ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جو چوڻ هو ته مغوين کي 8 هٿيار بند هٿيارن جي زور تي نوشهرو ابڙو لنڪ روڊ کان اغوا ڪري ويا هئا ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ پاران مغوين جي بازيابي لاءِ خسوسي ٽيمون جوڙيون ۽ انٽيليجنس بيسڊ ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيو وڌيڪ مغوين جي بازيابي ۽ ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ آپريشن جاري آهي. ڏوهارين جي خاتمي ۽ مغوين جي بازيابي تائين ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري رهندو. وارثن پاران مغوين جي بازيابي تي ايس ايس پي شڪارپور جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڪاميابي کي ساراهيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ