جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

جيستائين عوام جو مينڊٽ واپس نه ٿيندو تيستائين جدوجهد جاري رهندي: صدرالدين شاھ راشدي

سنڌي خبرون 16th Feb 2024 273 مناظر

جيستائين عوام جو مينڊٽ واپس نه ٿيندو تيستائين جدوجهد جاري رهندي: صدرالدين شاھ راشدي

ڄامشورو: جي ڊي اي جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي صدرالدين شاھ راشدي جو چوڻ ھو تھ هي عوام اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلي خلاف گڏ ٿيو آهي جنھن وقت تائين عوام جو مينڊٽ واپس نه ٿيندو تيستائين جدوجهد جاري رهي اليڪشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿي اسان سپريم ڪورٽ کي ڏسي رهيا آهيون ڪورٽ سوموٽو نوٽيس وٺي ڪجهه به ٿيو انهي جو الزام ادارن اليڪشن ڪميشن تي ايندو ٽن ڏينھن کان ٽي وي تي ليلا مجنون پريس ڪانفرنس ڪري الائي ڇا ٿا چون جيڪو ماڻهون ڪروڙين ماڻهون جو مرشد هجي اهو پاڻ فيصلو ڪندو اسان وٽ ميجارٽي آهي پر هنن ۾ فيصلي جي سگهه ناهي هاڻي به اگر هوش ۾ نه آيا ته خبر ناهي الائي ڪڏهن ايندا ۽ اڃان ڪيترا گهر اجاريندڙ هر شي جي حد هوندي آهي اليڪشن هنن پاڻ ڪرايو ويو هن وقت پاڪستان ۾ معاشي بحران آهي اسان امدادين کي قبول نه ڪنداسين پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي جي نوجوان جو مستقبل آهي اوهان سرخرو ٿيندا ايندڙ هفتي ۾ پاڪستان جي مستقل جو سٺو فيصلو ٿيندو سوره بادشاھ جيڪا قرباني ڏني اوها رائگان نه ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ