جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽي ۾ نئين مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر جي ضلعي آفيسرن سان تعارفي گڏجاڻي

سنڌي خبرون 11th Sep 2023 80 مناظر

سمورا آفيسر پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان ادا ڪن: ڊي سي اسد علي خان

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي ضلعي آفيسرن سان تعارفي گڏجاڻي سمورا آفيسر پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان ادا ڪن ۽ بنا فرق جي عوام جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. اسد علي خان عوام کي سموريون گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان چيو آهي ته ضلعي جي تعمير، ترقي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن آفيسرن جي گڏيل سهڪار سان ڪم ڪيو ويندو، اميد ته بهتر نتيجا حاصل ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن دربار هال ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن سان ڪوٺايل تعارفي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون منور عباس سومرو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو شاهد نذير لنڊ بلوچ، اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، صحت، تعليم، ورڪس سروسز، لائيو اسٽاڪ، پراونشل بلڊنگز، پاپوليشن، فشريز، ميونسپل، ٽائون، پبلڪ هيلٿ، سوشل ويلفيئر، اطلاعات، اينٽي انڪروچمينٽ، زراعت، آبپاشي ۽ ٻين مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجون ذميواريون بهتر نموني نڀائن ۽ بنا ڪنهن فرق جي عوام جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عوام کي صحت، تعليم، صفائي سٿرائي، نيڪال، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، شھرن ۾ مليريا اسپري سميت ٻين سمورين گهربل بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضن جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن غير قانوني قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي سگهجن. هن کين هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ موجود فصلن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته خطرناڪ ۽ زبون حال پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي عمارتن کي فوري طور سيل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ شاگردن لاءِ متبادل اسڪولن جو بندوبست ڪيو وڃي. هن چيو ته ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن کي معيار سان گڏ وقت تي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي فائدو پهچي سگهي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هو جلد سمورن آفيسن ۽ شهرن جو دورو ڪري کاتن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو ۽ خراب ڪارڪردگي تي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر اجلاس ۾ غير حاضر آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي سندن خلاف ڪارروائي لاءِ اعليٰ اختيارين کي خط موڪلڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان کي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ضلعي جي تاريخ، ثقافت، جاگرافي جڏھن تہ ٻين لاڳاپيل آفيسرن پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ