ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز: سي آءِ اي پوليس پاران ايمبولينس مان منشيات ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 16th Oct 2023 295 مناظر

ايمبولينس مان 50 ڪٽا گٽڪا ۽ منشيات هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

نوشهروفيروز (ڊ ر) سي آءِ اي پوليس جي وڏي ڪارروائي، ايمبولينس وين تي ڇاپو، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ. سي آءِ اي پوليس نوشهروفيروز ڳجهي اطلاع تي نيشنل هاءِ وي تي قائم سني پيٽرول پمپ وٽ پنجاب کان ايندڙ ايمبولينس وين تي ڪامياب ڇاپو هڻي 50 ڪٽا گٽڪا ۽ منشيات هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. سي آءِ اي پوليس اهلڪار الله وسايو وڳڻ موجب ايمبولينس تي ڇاپو هنيو ويو، اطلاع تي ايمبولينس ۾ مريضن بدران منشيات جو واپار ڪيو پيو وڃي، گرفتار جوابدار خلاف نوشهروفيروز ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ