ملير: حاجي شيدي ڳوٺ ۾ عارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، عورتن ۽ ٻارڙي سميت 15 ڄڻا زخمي
جھيڙي دوران ڪهاڙين، لٺين ۽ لوهي سيخن جو آزاداڻو استعمال، پوليس پهچي جھيڙو ٽاريو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي حاجي شيدي ڳوٺ ۾ گهرو تڪرار تان عارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙي سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين پاران ڪهاڙين، لٺين ۽ لوهي سيخن جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو جنهن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. عورتن ۽ ٻارڙي جون رڙيون ۽ دانهون ٻڌي ڳوٺاڻا گهرن مان نڪري آيا جڏهن ته اطلاع ملڻ تي پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي. علائقي جي معززين مداخلت ڪري ٻنهي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ختم ڪرايو جنهن بعد زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ڪجهه ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي زخمين ۾ گلزار عارفاڻي، جواد گلزار، اسد عارفاڻي، مختيار عارفاڻي، شهباز عارفاڻي، سجاد عارفاڻي، شيراز عارفاڻي، محمد عارفاڻي، حمده بانو، نورجهان، ثمينه، ماريا ارم سميت ٻيون عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن. زخمين مان گلزار عارفاڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي واقعي بابت گھاري ٽائون ڪميٽي جي ڪائونسلر وحيد عارفاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سندس ڀيڻ جي گهر تي سندس ئي رشتيدارن گل محمد، پوليس ڪانسٽيبل ارشد، ممتاز، مختيار ۽ نواز عارفاڻي هٿيارن سان حملو ڪيو، جتي گهر ۾ موجود عورتن، نياڻين ۽ نوجوانن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. حملي دوران کين لٺين، ڪهاڙين ۽ هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪيو ويو، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي ڌر جي اياز گل عارفاڻي ٻڌايو ته وحيد عارفاڻي سندن ڳوٺ جو رھائشي ناھي ھن گھاري کان ماڻھون آڻي اسان جي گھرن مٿان حملو ڪيو آھي ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي اڳرائي ڪرڻ ۽ جهيڙو شروع ڪرڻ جا الزام هنيا ويا آهن متاثر ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن، ڊپٽي ڪمشنر ملير، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، پلاٽ ۽ گهرو تڪرار واري معاملي کي قانون موجب حل ڪيو وڃي ۽ علائقي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.