جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

پنجن ڏينهن وارو 18-هون عالمي ڪتاب ميلو ڪاميابيءَ سان پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو

سنڌي خبرون 18th Dec 2023 70 مناظر

پنجن ڏينهن وارو 18-هون عالمي ڪتاب ميلو ڪاميابيءَ سان پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پبلشرز اينڊ بُڪ سيلرز ايسوسيئيشن پاران ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد 5 ڏينهن وارو 18-هون ڪراچي انٽرنيشنل ڪتاب ميلو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. نمائش جي آخري ڏينهن پبلشرن تمام گهٽ اگهه تي ڪتاب وڪِرو ڪيا جنهن کي ماڻهن گهڻو ساراهيو. هڪ اندازي موجب 14 ڊسمبر کان 18 ڊسمبر تائين جاري رهندڙ عالمي ڪتاب ميلي ۾ شريڪ ماڻهن جو انگ 5 لکن کان به وڌي ويو هو. نمائش جو دورو ڪندڙن ۾ اسڪولن، ڪاليجن، مدرسن، يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين، عورتن، بزرگن، وڪيلن، رٽائرڊ ۽ حاضر سرور، سياسي، ادبي، علمي، مذهبي، پرائيويٽ اسڪولز تنظيمن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ غير ملڪي سفارتڪار پڻ شامل هئا. عالمي ڪتاب ميلي ۾ پرڏيهي پبلشرن ۽ بڪ سيلرن پاران 330 اسٽالز لڳايا ويا هئا. ڪتاب ميلي جي پنجين ڏينهن به عوام وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي ۽ خريدارن جو جذبو به ڏسڻ وٽان هو. پاڪستان پبلشرز اينڊ بُڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عزيز خالد، ڪي آءِ بي ايف جي ڪنوينئر وقار متين، ڊپٽي ڪنوينئر سيد ناصر حسين، سيڪريٽري پاڪستان پبلشرز اينڊ بُڪ سيلرز ايسوسيئيشن طحه جمال، ڪوآرڊينيٽر شيخ عالمگير يوسف، فلور هيڊ نديم اختر، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عابد زبير ۽ ٻين ميمبرن ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ملڪ جي ٻين شهرن مان عالمي ڪتاب ميلي ۾ ايندڙن جو خاص شڪريو ادار ڪيو ۽ چيو ته عالمي ڪتاب ميلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ شهرين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت اسان جا حوصلا بُلند ڪيا، ماڻهن ڪتابن سان لڳاءُ ۽ انهن سان محبت جو ثبوت ڏنو. عالمي ڪتاب ميلي ۾ شاگردن جي دلچسپي جي لاءِ عملي سرگرمين تي ٻڌل مختلف مقابلا ڪرايا ويا ۽ ادبي شخصيتن پاران هڪ درجن کان وڌيڪ ڪتابن جي مهورتي تقريبون پڻ ٿيون. هن ڀيري پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اکين جي روشنيءَ کان محروم ماڻهن جي لاءِ ٽيبل ڪلينڊر ۽ هٿ سان بڻايل ”فارمولا ون اسپورٽس ڪار“ پڻ معتارف ڪرائي وئي ۽ دنيا م پهريون ڀيرو فلسطين جي شهرن ۽ جنگين بابت ٻارڙن کي آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ فلسطين بورڊ گيم متعارف ڪرايو ويو. ڪيترائي علمي ۽ ادبي سيمينار منعقد ڪيا ويا ۽ ٻارڙن کي نفسياتي ۽ علمي مسئلن ۽ انهن جي حل جي لاءِ تعليم جي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ سيمينار ڪرايا ويا. ٻاررن ۽ عورتن درسي ڪتابن کانسواءِ تاريخي فڪشن ۽ عملي سرگرمين تي ٻڌل ڪتاب وڌيڪ وڪِرو ڪيا ويا. عالمي ڪتاب ميلي جو افتتاح سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪيو هو جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو سينيئر اڳواڻ فيصل سبزواري پڻ افتتاحي تقريب ۾ خاص شرڪت ڪئي. ڪتاب ميلي جو جن دورو ڪيو انهن ۾ اطلاعات وارو نگران وزير احمد شاهه، ايم ڪيو ايم جو ڪنوينئر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، اڳوڻو وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ امين الحق، اڳوڻو تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه، خوش بخت شجاعت، سينيئر اڳواڻ نسرين جليل، جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان، معراج الهديٰ صديقي، عامر چشتي، ڊاڪٽر هلال نقوي، امينه سيد ۽ ٻين اديبن، سماجي ۽ سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي. ميلي ۾ شهرين جي سهولت جي لاءِ اي ٽي ايم جي سهولت پڻ ڏني وئي هئي، جڏهن ته ڪراچي عالمي ڪتاب ميلي جي لاءِ ايڪسپو سينيٽر ۽ ان جي ڀرسان سيڪيورٽيءَ جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ڪراچي انٽرنيشنل ڪتاب ميلي جي ڪنوينئر وقار متين چيو ته هن ڪتاب ميلي ۾ شهرين ۽ شاگردن جي شرڪت جا سڀئي اڳوڻا رڪارڊ ٽُٽي ويا، گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال عالمي ڪتاب ميلي ۾ شهرين جي شرڪت وڌيڪ رهي آهي، اٽڪل ساڍا 5 لک ماڻهن ڪتاب ميلي ۾ شرڪت ڪئي. پبلشرن وٽ موجود سڄو اسٽاڪ ختم ٿي ويو هو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عالمي ڪتاب ميلي جي آخري وقت ۾ وڌيڪ 40 کان 45 پبلشرن ۽ بڪ سيلرن ميلي ۾ شرڪت جي خواهش ظاهر ڪئي هئي پر جاءِ نه هجڻ سبب اسان انهن کان معذرت گهري ورتي. هن چيو ته ٻئي دفعي اسان ڪتاب ميلي کي پاڪستان جي ٻين شهرن تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ