نوشهروفيروز جي عدالت ۾ عثمان عالماڻي خلاف ڪوڙا چيڪ ڏيڻ خلاف درخواست داخل
نوشهروفيروز جي عدالت ۾ عثمان عالماڻي خلاف ڪوڙا چيڪ ڏيڻ خلاف درخواست داخل
نوشهروفيروز (رپورٽر) اين اي 205 تي پ پ جي ٽڪيٽ جي اميدوار سردار عثمان عالماڻي خلاف ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جي درخواست عدالت ۾ داخل ڪرائي وئي آهي، درخواست گذار غلام سرور ڀرٽ ايڊووڪيٽ مختيار تنيو جي معرفت اهڙي درخواست ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز ۾ داخل ڪرائي، غلام سرور ڀرٽ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عثمان عالماڻيءَ هن کان اپريل 2021ع ۾ 2500 ڪڻڪ جون ٻوريون 4700 رپيا في ٻوريءَ جي حساب سان ورتيون هيون ۽ يو بي ايل ٺاروشاهه برانچ جو چيڪ ڏنو هو جيڪو پاس نه ٿيو، جنهن بعد هن 2 ٻيا چيڪ ڏنا جن مان هڪ پاس ٿيو ٻيو بائونس ٿي ويو. ڪافي ڀيرا وٽس وياسين پر هو آسرا ڏيندو رهيو ۽ آخر ۾ پئسن کان جواب ڏئي ڇڏيائين. ٿاڻي وارن ڪيس نه ورتو، ٻيو ڪو رستو نه سجھندي عدالت سان رجوع ڪيو آهي. عدالت 3 جنوري 2024ع تي عثمان عالماڻيءَ کي پيش ٿيڻ جو سمن جاري ڪري ڇڏيو آهي.