جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

مڪلي جي ڳوٺ علي مراد درس واسڻ ناري جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

سنڌي خبرون 30th Dec 2025 222 مناظر
مڪلي جي ڳوٺ علي مراد درس واسڻ ناري جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

مهينو اڳ سئوٽ حورالنساءَ جوکيو تي مير محمد جوکيو ۽ ٻين حملو ڪيو هو، مان ان جي گواهه آهيان: نازش جوکيو

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)مڪلي ڳوٺ علي مراد درس جي رهائشي مسمات نازيش زال غلام سرور جوکيو عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پهچي دانهندي چيو آهي ته هڪ مهينو اڳ سندس سئوٽ حورالنسا۽ جوکيو مٿان مڪلي پوسٽ آفيس وٽ جوابدارن هر هڪ نالي ميرمحمد پٽ ولد شير محمد جوکيو ارشاد جوکيو مير محمد جوکيو علي حسن ولد ولد مير محمد جوکيو عامر ولد الطاف جوکيو گلنواز ولد اياز جوکيو سمورا ويٺل سپر ها۽ وي نوري آباد جا جن گڏجي حملو ڪيو هو کيس تشدد ڪري زخمي ڪيو هو جنهن حملي واري ڪيس ۾ آئون نازيش زال غلام سرور گواهي طور شامل آهيان جنهن سبب مذڪوره ماڻهون ڏمرجي پيا جن مونکي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته گواهي تان هٿ کڻي وڃ پر مون هٿ نه کنيو ته هاڻ ساڳي جوابدار ڌر جا ماڻهون کيس توڙي سندس مڙس غلام سرور جوکيو کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ٻئي طرف ساڳي جوابدار ڌر وارا سوشل ميڊيا تي پڻ گار گند ڪري سندن عزت جي تذليل ڪري رهيا آهن ۽ ويڊيو پيغام ذريعي کين جان کان مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن اهڙي ڌمڪين جا ويڊيو پڻ هنن وٽ محفوظ آهن متاثره فيملي ايس ايس پي ٺٽو ڊي آئي جي حيدرآباد آئي جي سنڌ کان فوري کين ڌمڪائيندڙ ڌر جي جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي جي گهر ڪندي تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ