بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺٽي ۾ ھٿياربند ڦورن جي فائرنگ ۾ صحافي جي امڙ ۽ ڀائٽيي سميت 3 ڄڻا زخمي

سنڌي خبرون 16th Aug 2023 59 مناظر

واسواڻي پاڙي ۾ ھٿياربندن ڦر دوران گوليون ھڻي نسيم اختر، فائض ۽ واٽھڙو غلام محمد چارڻ کي زخمي ڪيو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي شھر مان امن جو پکي اڏامي ويو، عوام ڦرجڻ روز جو معمول بڻيل، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، تفصيل موجب ٺٽي شھر جي واسواڻي محلي ۾ واپاري صابو ٻڍاڻي جي گھر وٽ نامعلوم هٿياربند ڦورن پاران کانئنس ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مزاحمت تي شھري پنھنجي گھرن مان ٻاھر نڪري آيا تہ ڦورن پاران فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ هڪ عورت نسيم اختر، نوجوان فائز ۽ هڪ واٽھڙو شهري غلام محمد چارڻ گولي لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا، زخمي ٿيل عورت ٺٽي جي نوجوان صحافي صدام سبزپوش جي والده ۽ زخمي نوجوان فائز سندس ڀائٽيو آھي، زخمين کي پھريان سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو، جتان زخمي عورت سميت ٻين زخمين کي بہ ڪراچي ريفر ڪري روانو ڪيو ويو، ان موقعي تي شھرين مڙسي ڪري ھڪ ڦورو کي پڪڙي ڪُٽڪو ڏيئي ٺٽو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ سندس ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پڪڙيل ڦورو جي سڃاڻپ ٺٽي واسي غلام مصطفي دايو طور ڪئي ويئي آھي، زخمي ڦورو کي به اسپتال منتقل ڪري ٺٽو پوليس گرفتار زخمي ڦورو ۽ سندس ساٿين خلاف ٺٽو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري فرار ٿيل سندن ساٿين جي ڳولا جاري ڪري ڇڏي اھي، اخري اطلاعن تائين وڌيڪ ڪابہ گرفتاري عمل ۾ اچي ناھي سگھي، ٻئي طرف زخمي عورت جي پٽ ٺٽي جي نوجوان صحافي صدام حسين سبزپوش چيو تہ ساڻس وڏي ناانصافي ٿي آھي، ھڪ طرف سندس امڙ ۽ ڀائٽي کي ڦورن گوليون ھڻي سخت زخمي ڪيو آھي تہ بئي طرف پوليس اسان سان ڪوبہ تعاون ڪرڻ توڙي سندن خبر چار لھڻ لاء بہ تيار ناھي، ھن گھر ڪئي تہ ساڻس انصاف ڪري سندس امڙ ۽ ڀائٽي کي زخمي ڪندڙ سمورن ڦورن کي گرفتار ڪري کين تحفظ مھيا ڪري ضلعي ٺٽي ۾ امن امان جي صورتحال بھتر ڪري شھرين کي ڦرجڻ ۽ وڌيڪ نقصان پھچڻ کان ہچايو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ