جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

گيس جي اگهن ۾ اضافي سان عوام مٿان 350 ارب رپين جو بار پوندو: محمد حسين محنتي

سنڌي خبرون 26th Oct 2023 71 مناظر

گهريلو واهپيدارن لاءِ گيس200فيصد مهانگي ڪرڻ سراسر ظلم آھي، ان جي مذمت ڪريون ٿا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي گهريلو واهپيدارن لاءِ گيس200فيصد مهانگي ڪرڻ کي عوام دشمن فيصلو۽ سراسر ظلم قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام تي بجلي ڪيرائڻ نه بلڪه نگران حڪومت جو ڪم فقط بروقت صاف شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪرڻ آهي، گيس جي اگهن ۾ اضافي سان عوام مٿان 350 ارب رپين جو بار پوندو، مهانگائي جي ماريل عوام جي اڳ ۾ ئي حڪمرانن جي ناقص معاشي پاليسين ۽ ڪرپشن جي ڪري خريداري جي سگهه ختم ٿي چڪي آهي اهڙي صورتحال ۾ وري گيس جي اگهن ۾ 200فيصد اضافو ڪرڻ بي حسي جي انتها آهي. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پيٽروليم مصنوعات مٿان ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس عائد، هر روز بجلي اگهن ۾ اضافي کان پوءِ نگران حڪومت گيس جي قيمتن ۾ به 200فيصد اضافو ڪري مهانگائي جي ماريل عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي. نگران هجي يا مستقل حڪومت هر دور ۾ حڪمرانن پنهنجي عياشين ۽ عالمي مالياتي ادارن جي ڊڪٽيشن تي عوام مٿان مهانگائي جي بمباري ۽ اشرافيه کي سهولتون ڏئي ملڪ کي برباد ۽ عوام کي ڪنگال ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي آهي، هن وقت غربت ملڪ جو سڀ کان وڏو ۽ بنيادي مسئلو آهي، ڪوبه ملڪ ايسيتائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيسيتائين عوام خوشحال نه هجي. حڪمران طبقي “ اجهي، اٽي ۽ ڳڀي” جو نعرو هڻي غريبن کي بنيادي ضرورتن کان به محروم رکيو آهي. پي ڊي ايم سرڪار پاران مهانگائي جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙڻ کان بعد طاقتور ڌُرين پاران عوام تي مسلط ڪيل نگران حڪومت به پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عوام دشمني جو کليل ثبوت ڏنو آهي. پهرين نومبر کان گيس جي اگهن ۾ 200 فيصد اضافو ڪرڻ سان عوام مٿان 350 ارب رپين جو بار پوندو ان کان اڳ فيبروري ۾ پڻ گيس جي اگهن ۾ 113 فيصد اضافو ڪيو ويو هو جنهن سان عوام تي 340 ارب بار پيو، موجوده فيصلي سان عام ماڻهو جي مشڪلات ۾ ويتر اضافو ٿي ويندو. صوبائي امير حڪومت تي زور ڀريندي پُرزور مطالبو ڪيو آهي ته في الفور بجلي، گيس سميت عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ پيٽرول توڙي ڊيزل تي عائد ڀاري ٽيڪس ختم ڪري حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ تُرت قدم کڻي.#
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ