بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ميھڙ ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل سرور چانڊيو جي تدفين، سردار چانڊيو ۽ ٻيا شريڪ

سنڌي خبرون 25th Sep 2023 314 مناظر

اڳوڻو ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو مقتولن جي تڏي تي پھتو ، جوابدارن جي گرفتاري جي گھر

ميھڙ ڀرسان ٻيٽو جتوئي لڳ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جي جنازه نماز ميھڙ ڀرسان ڳوٺ پٽيجي نارا ڪئنال وٽ ادا ڪئي وئي جنازه نماز ۾ اڳوڻو ايم پي اي چانڊيہ برادري جي سردار نواب سردار خان چانڍيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي نواب سردار خان چانڊيو پنھنجي برادري جي ماڻھن سان ھمدردي ۽ ڏک جو اظھار ڪندي چيو تہ ھٿياربندن اسان جي برادري جي معزز شخص کي بيگناه قتل ڪيو آھي جنھن تي ڏاڍو افسوس ٿيو آھي پوليس کي تحرڪ وٺي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ کپي ھن چيو ته مان پنھنجي برادري جي ماڻھن سان ھر وقت گڏ آھيان جڏھن ته نواب سردار خان چانڊيو مقتول ڌر جي وارثن کي قانوني چارو اختيار ڪرڻ جو زور پڻ ڀريو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ