نوشهروفيروز ۾ آل ڊيڪوريشن اتحاد جي ميمبرن جو هنگامي اجلاس
مهانگائي جي دور ۾ هن وقت به ماڻهو پراڻي ريٽ تي ڊيڪوريشن کڻي وڃن ٿا جيڪا زيادتي آهي: اڳواڻ
نوشھروفيروز(ڊ ر) ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ ڊيڪوريشن سامان جو مناسب معاوضو نه ملڻ تي آل ڊيڪوريشن اتحاد نوشھروفيروز جي ميمبرن جو اجلاس بشير احمد مري ۽ محمد سليمان سولنگي جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ڊيڪوريشن جي مالڪن ۽ پورهيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران اڪثريت راء سان بشير احمد مري کي صدر۔ حاجي سيفل کوسو نائب صدر۔ محمد اسحاق مري جنرل سيڪريٽري۔ حبيب الله ڀٽي کي آل ڊيڪوريشن اتحاد جو خزانچي چونڊيو ويو۔ ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مهانگائي جي دور ۾ هن وقت به ماڻهو پراڻي ريٽ تي ڊيڪوريشن کڻي وڃن ٿا جنهن ۾ اسان مزدورن جو خرچ به نه ٿا ڪڍي سگهون ڊيڪوريشن جي هر شيء سئو سيڪڙو مهانگي ٿي چڪي آهي ههڙي قيامت خيز مهانگائيء ۾ اسان جو گذر سفر مشڪل بڻجي ويو آھي جنهن ڪري اسان مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿي چڪا آھيون۔ شھر جا ڪيترائي ڊيڪوريشن مالڪ پنهنجا دڪان بند ڪري هليا ويا آھن اسان سڀني ڊيڪوريشن مالڪن کي هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ بجاء هڪٻي جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ گهرجي سڄي ضلعي اندر هڪڙو ئي ريٽ مقرر ڪري گراهڪن کي ڊيڪوريشن ڏنو وڃي جيڪو به ڊيڪوريشن مالڪ اهڙن فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪندو ان جو دڪان بند ڪرائي نوشھروفيروز مان نيڪالي ڏني ويندي۔ اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو هي اتحاد سڀني ميمبرن سان ڏک سک ۾ شامل رهندو جنهن به ڊيڪورن مالڪ يا پورهيت کي تڪليف پهتي ته اسان سڀ ان سان گڏ بيٺل رهنداسين۔ ان موقعي تي خادم حسين ڀٽو۔ علي خان ڀٽو۔ منير حسين مري۔ آصف مري۔ فهيم الحسنين سولنگي۔ صدورو خاصخيلي۔ وحيد ڀٽي۔ مصطفي لوهاچ۔ زائر منگي۔ راشد مري ۽ ٻين ڊيڪوريشن مالڪن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔