جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

دادو ۾ سماجي تنظيم پاران اسڪول جي عمارت نه هجڻ تي شاگردن لاءِ خيمو لڳايو ويو

سنڌي خبرون 09th Aug 2023 54 مناظر

ٻارڪنهن جو به هجي تعليم ڏيڻ ضروري آهي، کين تعليم کان پري نٿو رکي سگهجي: فرزانا سيمجو

دادو(عبدلعزيز ٻٻر) سماجي تنظيم فيٿ فائونڊيشن پاڪستان دادو پاران ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ جتي اسڪول جي عمارت نه آهي اتي اسڪول لاء کي خيمو ڏنو ويو آهي ان موقعي تي فيٿ فائونڊيشن پاڪستان دادو وائيس چيئرمين ميڊم فرزانا سيمجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته ٻارڪنهن جو به هجي تعليم ڏيڻ ضروري آهي ۽ اها اسان جي ڪوشش آهي ته جيئن اسان سڀني جا ٻار تعليم جهڙي حسين زيور کان محروم نه رهن ۽ ڪنهن سبب جي ڪري اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن جي تعليم ڪنهن به سبب متاثر نه ٿئي.هن وڌيڪ چيوته پنهنجن ٻارڙن کي هرحال تعليم ڏيارڻ گهرجي .
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ