جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

ميرپورخاص ۾ حيسڪو ترجمان محمد صادق ڪنڀر جي ايوان صحافت آمد

سنڌي خبرون 27th Sep 2023 64 مناظر

ميرپورخاص ۾ بجلي چو ري خلاف ڪاروايون ڪري رھيا آھيون: محمد صادق ڪنڀر

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ترجمان حيسڪو محمد صادق ڪنڀر جي ايوان صحافت ميرپورخاص آمد ان موقعي تي صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ترجمان حيسڪو محمد صادق ڪنڀر چيو ته ميرپورخاص ۾ بجلي چو ري خلاف ڪاروايون ڪري رھيا آھيون جنھن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس اسان جو سٺو ساٿ ڏئي رھي آھي شھر اندر بجلي جي چوري ۽ريڪورين لاءِ اسان جون 15 ٽيمون ڪم ڪري رھيو آھن ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته ميرپورخاص ۾ لوڊشيڊنگ کي زيرو ڪريون ھن ٻڌايو ته ميرپورخاص شھر اندر 51 ھزار صارف آھن جن مان 34 ھزار صارف ڊفالٽ ۾ آھن انھن صارفين تي رھيل بقايا بلن جي ادائگي لاءِ ڪم ڪري رھيا آھيون شھر ۾ ڊگھي لوڊشيدنگ جو سبب به ريڪوري نه ٿيڻ آھي ھن چيو ته حيسڪو پاران ون ونڊو ڪسٽمر سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي جتي شھرين کي نون ميٽرن جو سھولتون ڏنيو وينديون ۽ ميرپورخاص ۾ ٽرانسفارمر ٺاھي ڏيڻ لاءِ حيسڪو پاران ورڪشاپ پڻ قائم ڪري رھيا آھيون جنھن بعد شھرين کي ٽرانسفارمر ٺاھي ڏئي کين سٺي سروس فراھم ڪنداسين ، ھڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان حيسڪو محمد صادق ڪنڀر جو چيو ته ميرپورخاص اندر 11 ھزار جو لائن جو ختم تارون ۽ کنڀا نوان لڳائڻ سميت حيسڪو ٽرانسفارمر به خريد ڪري ڇڏيا آھن جيڪي پڻ لڳايا ويندا ان سميت ميرپورخاص ۾ رھيل گرڊ اسٽيشن جو ڪم به جاري ڪري رھيا آھيون ترجمان حيسڪو جو چيو ته ڪنھن به صارف جو اگر ناجائز بل يا اضافي يونٽ جي شڪايت آھي ته ھو حيسڪو جي لاڳاپيل آفيس ان جي عملدارن وٽ لکت ۾ درخواستون ڏئي پنھجو شڪايتون جمع ڪرائين ته انھن جون جائز شڪايتون تي ڪم ڪري سندن مسئلا حل ڪري سگهجن ھن شھرين کي گزارش ڪندي چيو ته واپڊا سان سھڪار ڪري پنھنجا بقايا رھيل بل جمع ڪرائيڻ سميت بجليءَ جي چوري خلاف ڪاروائين ۾ پنھجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن جلد آپريشن مڪمل ڪري ميرپورخاص ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ