بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ابراهيم حيدري ۾ سماجي اڳواڻ قاسم لکيو جي والد جي جنازي نماز بعد تدفين

سنڌي خبرون 20th Jan 2026 329 مناظر
ابراهيم حيدري ۾ سماجي اڳواڻ  قاسم لکيو جي والد جي جنازي نماز بعد تدفين

بلال لکيو جي جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين جي وڏي انگ م شرڪت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ۾ سماجي اڳواڻ قاسم لکيو جي والد بلال لکيو جي جنازي نماز نوراني مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن سميت علائقي جي سوين شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔جنازي نماز ۾ سردار سهيل ڄاموٽ، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير پي ايس 87 جي صدر جان عالم ڄاموٽ، ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جن مرحوم جي خدمتن کي ساراهيو ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو۔جنازي نماز کان پوءِ مرحوم بلال لکيو کي ابراهيم حيدري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جتي مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا گهري وئي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ