ملير: سيد گل محمد شاھھ جي پنجين ورسي ملھائي وئي
درگاهه حضرت شاه حسن تقوي جي سجاده نشين جي ورسي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھو شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) درگاهه حضرت شاه حسن تقوي جي اڳوڻي سجاده نشين مرحوم سيد گل محمد شاه جي پنجين ورسي درگاهه شاه حسن تي سندس آخري آرامگاهه وٽ عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي، جنهن ۾ مرحوم جي رشتيدارن، مريدن ۽ عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي ورسي جي موقعي تي مرحوم سيد گل محمد شاه جي آخري آرامگاهه تي چادر چاڙهي وئي، جڏهن ته گلن جون پتيون نڇاور ڪري مرحوم جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ خاندان جي خوشحالي لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهري وئي.ان موقعي تي درگاهه حضرت شاه حسن تقوي جي موجوده سجاده نشين سيد افضل گل محمد شاه، سيد عارب شاه، سيد سجاد علي شاه، سيد عنايت علي شاه، سيد منظور علي شاه، سڪندر شاه، سيد سليمان شاه، ابراهيم شاه ۽ ٻين معززين، رشتيدارن، مريدن ۽ عقيدتمندن شرڪت ڪئي.ورسي تقريب دوران شرڪت ڪندڙن مرحوم سيد گل محمد شاه جي ديني، روحاني ۽ خانداني خدمتن کي ياد ڪندي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي عقيدتمندن چيو ته مرحوم جي محبت، شفقت ۽ روحاني وابستگي کي هميشه ياد رکيو ويندو ۽ سندس يادون مريدن ۽ عقيدتمندن جي دلين ۾ زنده رهنديون.