جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ درگاهه شطن شاهه بخاري ۾ گهر کي باهه

سنڌي خبرون 26th Oct 2025 192 مناظر
نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ درگاهه شطن شاهه بخاري ۾ گهر کي باهه
نوشھرو فيروز(ڊ ر) نوشھرو فيروز لڳ ڳوٺ درگاھ شطن شاھ بخاري ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب ٻه گهر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا. باھ گھر جي چله مان نڪتل چڻنگ سبب لڳي، جنهن نتيجي ۾ ذوالفقار ملاح ۽ منظور ملاح جا گهر متاثر ٿيا. ذوالفقار ملاح ٻڌايو ته سندس نياڻي جي شادي 15 نومبر تي رکيل هئي، پر ڏاج جو سڄو سامان باھ سبب سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته پاڪ ڪتاب معجزاڻي طور محفوظ رهيو. ٻئي طرف منظور ملاح جو چوڻ هو ته اسان بار بار انتظاميه کي فونون ڪندا رھياسين مگر ڪنھن به اسان بي فون نه کنئي جي انتظاميا تحرڪ وٺي ھان ته اسان گھڻي نقصان کان بچي سگھون پيا ۽ گھڻو قيمتي سامان نه سڙي ھان متاثر ٿيل خاندانن چيو ته هو هن وقت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ۽ ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کان اپيل ٿا ڪيون ته سندن فوري مدد ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجن ٻچڙن لاءِ ٻيهر گهر ٺاھيسگھون ۽ 15نومبر تي اسان جي نياڻي جي شادي آھي ان لاء به ڪجھ ھيلپ ڪن ته جيئن ان جي شادي ٿي سگھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ