جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

اي سي محمد خان ڀنگوار پاران ٺٽي ۽ مڪلي جي مارڪيٽn جو دورو

سنڌي خبرون 12th Sep 2023 326 مناظر

اي سي ٺٽي پاران دوري دوران عام واھپي جي شين جي اگھن بابت ڄاڻ ورتي وئي

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو پاران ٺٽو شهر ۽ مڪلي جي مارڪيٽن جو اوچتو دورو ، روزانو جي بنياد تي استعمال ٿيندڙ شين جي قيمتن جو جائزو - ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد خان جي ھدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو محمد خان ڀنگورا ٺٽو شهر ۽ مڪلي جي مختلف علائقن جي مارڪيٽن ۽ دڪانن جو دورو ڪيو - ھن ناجائز منافع خورن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو ته اھڙا عناصر پنهنجو قبلو درست ڪن نه ته انتظاميه کان ڪنهن به قسم جي رعايت جي اميد نه رکن ، عوام جي خدمت اسان جي اولين ذميواري آهي جنهن کي بنا ڪنهن رنگ نسل جي ھر صورت م نڀائيندا سين - ھن چيو ته ناجائز منافع خوري ، ذخيره اندوزي ۽ اگھن جي لسٽ نمايان جڳھ تي نه لڳائڻ جي صورت م ڳرا ڏنڍ لڳائڻ سميت گرفتاري پڻ عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي - ان موقعي تي ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي انتظاميه پاران روزاني جي بنياد تي کير ، ڏھي ، مرغي ، گوشت ، مڇي ، فروٽ ۽ سبزين سميت ٻين شين جي قيمتن تي قابو رکڻ لاءِ نگراني ڪئي پئي وڃي ته جيئن مقرر ڪيل اگھن تي عوام کي شيون فراهم ٿي سگهن - ھن چيو ته ڪنهن کي به قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ شھرين کي رليف ڏيڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا ويندا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ