ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ۾ معذورن ۾ معاونتي اوزار ورھائڻ واري تقريب منعقد

سنڌي خبرون 14th Jul 2026 159 مناظر
عمرڪوٽ ۾ معذورن ۾ معاونتي اوزار ورھائڻ واري تقريب منعقد
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ اسيمبلي جي ميمبر (ايم پي اي) راڻا همير سنگهه سوڍو غوثيه گيسٽ هائوس عمرڪوٽ ۾ سيو دي لائيوز فائونڊيشن (ايس ٽي ايل)۽ (DEPD) ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبلٽيز حڪومت سنڌ جي گڏيل سهڪار سان منعقد ٿيل معذور ماڻهن ۾ معاونتي اوزارن ورھائڻ واري تقريب ۾ خاص مھمان طور شرڪت (Assistive Devices) ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت سنڌ معذور ماڻهن کي سماج جو باوقار، خودمختيار ۽ سرگرم حصو بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي بحالي، تعليم، روزگار ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي حڪومت سنڌ جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي، جڏهن ته اهڙا فلاحي پروگرام سندن زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت هلندڙ پروگرامن جي پاڻ ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيا آهن، ۽ سندن خاص هدايتن ۽ سهڪار سان معذور ماڻهن جي همٿ افزائي، بحالي ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ مختلف منصوبا جاري آهن، تقريب دوران ضلعي عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ 160 مستحق خصوصي ماڻهن ۾ ويل چيئرون، ٽرائي سائيڪلون، واڪرز، بيساڪيون (ڪرچز) ۽ ٻيا معاونتي اوزار ورهايا ويا، جيئن سندن روزمره جي زندگي وڌيڪ آسان، محفوظ ۽ باوقار بڻائي سگهجي، راڻا همير سنگهه سوڍو چيو ته خصوصي ماڻهن جي خدمت صرف سماجي ذميواري نه، پر قومي فرض پڻ آهي. هن ڊيپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز وِدھ ڊس ايبلٽيز ۽ سيو دي لائيوز فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سرڪاري ادارن ۽ سماجي تنظيمن جي گڏيل سهڪار سان سماج جي ڪمزور ۽ مستحق طبقن جي وڌيڪ مؤثر نموني خدمت ڪري سگهجي ٿي، ان موقعي تي سيو دي لائيوز فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪنھيا موهن لال مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سندن تنظيم 2019ع کان حڪومت سنڌ جي سهڪار سان خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، بحالي ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ مختلف پروگرام ڪاميابي سان هلائي رهي آهي. هن ٻڌايو ته اداري پاران حڪومت جي مدد سان ووڪيشنل اينڊ اسڪلڊ ڊولپمينٽ سينٽر ۾ 100 خصوصي مردن ۽ عورتن کي مختلف فني ۽ هنرمند تربيت فراهم ڪئي وئي آهي، جن مان ڪيترائي باعزت روزگار حاصل ڪري خودمختيار زندگي گذاري رهيا آهن، ھن وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ سال وڌيڪ 150 معذور ماڻهن کي مختلف شعبن ۾ هنرمند تربيت فراهم ڪئي ويندي، جنهن جو باقاعده آغاز اڄوڪي تقريب دوران ڪيو ويو، جيئن وڌيڪ خصوصي ماڻهو معاشي طور خودمختيار ۽ خودڪفيل بڻجي سگهن، تقريب ۾ ايم پي اي راڻا همير سنگھ سوڍا جي پي ايس ڪنول موهن لال، ريجنل ڊائريڪٽر اسٽيوٽا ميرپورخاص چندر پرڪاش ، پرنسپل اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر عمرڪوٽ پير راحيل شاھ، ڊپٽي ڊائريڪٽر پاپوليشن عمرڪوٽ سليمان راهمون، ضلعي تعليم آفيسر مير حسن آريسر،فريد احمد ڪنڀر ، اشفاق جوکيو، سامي فائونڊيشن جي سي اي او غلام مصطفيٰ کوسو، 1122 ميرپورخاص جي ڊويزنل هيڊ بنسي لال مالهي، هينڊز جي ضلعي مينيجر منصور ميمڻ، وڪيل گوتم اوھان ،سي ڊبليو ايس اي جي شهاب الدين، عبدالله کوسو، محمد بخش ڪنڀر، عيدل ڪنڀر، علي حسن سومرو، ولي محمد ساند، سوائي مل، رحمان پلي، خديج بلوچ، جاويد ڪنڀر ليکراج چوڌري ،گوتم سنگراسي، افضل ملاح ،سوائي مل ۽ عاشق هاليپوٽو سميت مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، سماجي تنظيمن جي نمائندن، ميڊيا جي نمائندن، معزز شهرين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسٽيوٽا ميرپورخاص چندر پرڪاش ، هينڊز جي ضلعي مينيجر منصور ميمڻ، 1122 ميرپورخاص جي ڊويزنل هيڊ بنسي لال مالهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر پاپوليشن سليمان راهمون، محمد بخش ڪنڀر ۽ ٻين مقررن خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ، کين بااختيار بڻائڻ ۽ سماج ۾ برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، تقريب جي پڄاڻي تي مستحق خصوصي ماڻهن ۾ معاونتي اوزار ورهايا ويا، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، بحالي ۽ کين سماج جو باعزت، خودمختيار ۽ سرگرم شهري بڻائڻ لاءِ حڪومت سنڌ، سرڪاري ادارا، سماجي تنظيمون ۽ سمورا لاڳاپيل ڌريون گڏيل طور پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ