جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ جي دستوري گڏجاڻي ۽ ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس

سنڌي خبرون 08th Aug 2025 216 مناظر
سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ جي دستوري گڏجاڻي ۽ ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس

اجلاس جي صدارت نامياري ليکڪ ڊاڪٽر فيض جوڻيجو ڪئي، نون ميمبرن جو تعارف پڻ ڪرايو ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ جي دستوري گڏجاڻي ۽ ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن جي صدارت نامياري ليکڪ ڊاڪٽر فيض جوڻيجو ڪئي، اجلاس جي شروعات ۾ نون ميمبرن جو تعارف ڪرايو ويو جڏهن ته تخليقڪارن عادل قريشي غزل، اسد ڪنگو غزل، فيروز ٻٻر نظم، صداحسين عباسي نظم، شبير حسين شاه نقوي غزل، مظهر حسين ورياڻي غزل پيش ڪيا،اجلاس ۾ ساس پپري جي 6 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ ميمبرن سامهون رکي وئي، ۽ ڪاروباري ڪميٽي کان 3 پروگرامن جي منظوري ورتي وئي جنهن ۾ (پيغام لطيف) محفل مذاڪرو/ مشاعرو شامل آهن، جڏهن ته اجلاس ۾ غلام محمد قريشي، منير احمد شيخ، نديم منگي، رجب علي ڀنڊ، رياض مهدي سميت ٻين ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس جي آخر ۾ سنگت پپريءَ جي سرگرم ميمبر غلام محمد قريشي جي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ