جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙ خالد مقبول صديقي ۽ سندس ٽولي کي صوبي ۾ سياست جو حق ناهي: صنعان خان قريشي

سنڌي خبرون 21st Nov 2025 388 مناظر
سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙ خالد مقبول صديقي ۽ سندس ٽولي کي صوبي ۾ سياست جو حق ناهي: صنعان خان قريشي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ جي ورهاست بابت ڳالهيون ڪراچي ۾ بدامني پکيڙڻ برابر آهي . هن واضع ڪيو ته جيڪي ماڻهو سنڌ ٽوڙڻ جا نعره هڻن ٿا انهن کي سنڌ جي سرزمين تي سياست ڪرڻ جو ڪو حق ناهي صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي پناهگير ڪئمپن تائين محدود ڪيو وڃي، ڇو⁠تہ سنڌ جي تاريخ، شهيدن ۽ سورمن جي قربانين جي توهين ڪا به قوم برداشت نٿي ڪري سگهي هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جو ماحول خراب ڪرڻ نه ڏنو ويندو، ڪنهن به جماعت يا ٽولي کي نفرت ۽ ورهاست جي سياست هلائڻ جي اجازت نٿي ملي سگهي صنعان خان قريشي چيو ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ٻئي سنڌ جا رهواسي آهن ۽ هن سرزمين جا مالڪ آهن، تنهنڪري اردو آبادي کي به گهرجي ته سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن جو گهيراءُ ڪن ۽ انهن کان لاتعلقي جو اعلان ڪن هن چيو ته سنڌ جي قومي وحدت تي حملو اصل ۾ پاڪستان جي سلامتي تي حملو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ