ٺل مان نوجوان ناري معصوم ڌيءَ سميت پراسرار نموني گم، مڙس پاران اغوا جو شڪ
فوزيھ ۽ 9 ورھين جي نياڻي زھريٰ پراسرار نموني گم ٿي ويون آھن: اظھار سرڪي
ٺل جي ڀرچونڊي مدرسي واسڻ نوجوان ناري معصوم ڌي سميت ميبنا طور گم ٿي وئي، سندس مڙس پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آھي، ٿاڻي تي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائيندي اظھار سرڪي جو چوڻ آھي تھ سندس گھرواري فوزيھ ۽ 9 ورھين جي نياڻي زھريٰ پراسرار نموني گم ٿي ويون آھن، خدشو آھي تھ کين اغوا ڪيو ويو آھي