ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

جي ايس ٽي ۽ 50 پلس مارڪون کڻندڙن جي مسئلي جو حل سيٽن جي گنجائش سان مشروط آھي: سيد سردار شاھھ

سنڌي خبرون 15th Oct 2026 32 مناظر
جي ايس ٽي ۽ 50 پلس مارڪون کڻندڙن جي مسئلي جو حل سيٽن جي گنجائش سان مشروط آھي: سيد سردار شاھھ

عمرڪوٽ ۾ صوبائي وزير تعليم سردار شاهه جا تعليمي ادارن جا دورا

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) صوبائي وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه عمرڪوٽ پهچي بجير پاڙي کاروڙو، سيد هائير سيڪنڊري گرلز اسڪول ۽ گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج عمرڪوٽ جو دورو ڪيو، جتي هن استادن ۽ شاگردن سان ملاقات ڪري تعليمي مسئلن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي، ان موقعي تي هن چيو ته جي ايس ٽي ۽ 50 کان وڌيڪَ مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن جي مسئلي جو حل سيٽن جي گنجائش سان مشروط آهي، جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري سندن مسئلا ٻڌا ۽ معاملي کي حل ڪري ڇڏيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه چيو ته اميدوارن کي 40 سيڪڙو مارڪون مليون هجن يا 50 کان وڌيڪَ، نوڪريون سيٽن جي دستيابي ۽ اسٽاف جي ضرورت جي تفصيل (ايس اين اي) جي بنياد تي ئي ڏئي سگهجن ٿيون، هن چيو ته ڀرتين جي معاملي ۾ سيٽن جي گنجائش کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي، هن وڌيڪَ چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف احتجاج ڪندڙ اميدوارن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سندن خدشا ٻڌا ويا آهن ۽ مسئلي کي حل ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير تعليم چيو ته اسٽيم (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ رياضي) جي سائنسي ميلن جو اهتمام ماضي ۾ به ڪيو ويو هو ۽ هن سال به اهڙا ميلا منعقد ڪرايا ويندا، جن ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جا شاگرد حصو وٺي سگهندا، هن چيو ته اهڙين سرگرمين جو مقصد شاگردن ۾ سائنسي سوچ، تخليقي صلاحيتن ۽ جديد علم ڏانهن دلچسپي پيدا ڪرڻ آهي، دوري دوران صوبائي وزير تعليم اسڪولن ۽ ڪاليج ۾ تعليمي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ استادن توڙي شاگردن کان مسئلا معلوم ڪيا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ