جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي ٻين شهرن جيان سجاول ۾ به ايس ٽي پي جي سڏ تي احتجاجي ريلي

سنڌي خبرون 11th Aug 2023 321 مناظر

حڪومت عوام جي مٿان مھنگائي جو بم ڪرائي غريب عوام کان جيئن جو حق کسي ڇڏيو آهي: اڳواڻ

سجاول (گلشيرميربحر) سموري سنڌ جيان ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر بخش مگسي جي سنڏ تي سموري سنڌ جيان سجاول ۾ به ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف ايس ٽي پي ضلعي سجاول جي صدر غڻي ملاح، جنرل سيڪريٽري عبدالڪريم پليجو، ضلعي نائب صدر محمد جمن سنڌي جي اڳواڻي۾ مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت عوام جي مٿان مھنگائي جو بم ڪرائي غريب عوام کان جيئن جو حق کسي ڇڏيو آهي پر سفيد پوش به پريشان ٿي ويا آھن، ھر شين جا ريٽ ٻيڻا ٿي چڪا آھن. انھن مطالبو ڪيو آهي ته مھنگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ڻاحتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، ان موقعي تي گل حسن رند، ممتاز لغاري، ريحان ابڙو، اسماعيل جت سڪندر آمڙو ۽ ٻيا موجود هئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ