جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ پريم ننگر واسي نوجوان جو ڀاءُ سان گڏ سهري خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 07th Jul 2025 139 مناظر
نوشهروفيروز ۾ پريم ننگر واسي نوجوان جو ڀاءُ سان گڏ سهري خلاف احتجاج
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جي پريم ننگر پاڙي جي رهواسي نوجوان ابراهيم لاشاري پنهنجي ڀاءُ سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته 9 مهينا اڳ دعا چنا سان منهنجي شادي ٿي جنهن کي هڪ مهينو اڳ سهرو عابد چنا پنهنجي گهر وٺي ويو گهڻو وقت گذرڻ کان پوءِ مان پنهنجي ماءُ کي ساڻ ڪري گهر واري کي وٺڻ لاءِ ويس ته سهري اسان تي هٿيار سڌا ڪيا ۽ زال نه ڏني جيڪا وڏي زيادتي آهي هن چيو ته سهرو لالچيء آهي ۽ وڌيڪ پئسا گهري ٿو مان مزدور ماڻهو آهي ايترا ڪٿان آڻيان جو کيس ڏيان هاڻي ته زال کي به سمجهائي ڇڏيو اٿئين جيڪا به ان جي چوڻ آهي هاڻي ته سهرو ۽ سندس ڀيڻيوو جيڪو پوليس ۾ عملدار آهي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن غريب مزدور آهيان انصاف ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ