جمعہ، 06 نومبر 2026
بریکنگ

ڏياري: روشني، واعدي، قرباني، محبت ۽ حق جي فتح جو ڏڻ...!

آرٽيڪلز/ کالمز 06th Nov 2026 22 مناظر
ڏياري: روشني، واعدي، قرباني، محبت ۽ حق جي فتح جو ڏڻ...!

ڊاڪٽر جيپال ڇابڙيا

ڏياري، جنهن کي ديپاولِي به چيو وڃي ٿو، هندن جو هڪ اهم ۽ خوشين وارو مذهبي ۽ ثقافتي ڏڻ آهي. پر هن ڏڻ جو پيغام صرف هندن تائين محدود ناهي. ڏياري روشني، محبت، ڀائيچاري، امن، قرباني ۽ نيڪيءَ جي بديءَ تي فتح جو پيغام ڏئي ٿي. اهي قدر سموري انسانيت لاءِ آهن.
ڏياري عام طور سرءُ جي موسم ۾ ملهائي ويندي آهي، جڏهن برساتن کان پوءِ موسم آهستي آهستي ٿڌي ٿيڻ لڳندي آهي. اسان جي خطي ۾ برساتن کان پوءِ مڇرن ۽ مليريا جهڙين بيمارين جو خطرو به موجود رهي سگهي ٿو. هندو خاندانن ۾ ڏياريءَ کان اڳ گهرن جي مڪمل صفائي ڪرڻ جي پراڻي روايت آهي. گهرن، گهٽين ۽ ماحول کي صاف رکڻ، بيٺل پاڻي ختم ڪرڻ ۽ صفائيءَ جو خيال رکڻ سان مڇرن جي واڌ ويجهه گهٽائي سگهجي ٿي ۽ مليريا کان بچاءَ ۾ مدد ملي ٿي. اهڙيءَ طرح ڏياريءَ جي صفائيءَ واري روايت ۾ صحت ۽ سماجي ڀلائيءَ جو پيغام به شامل آهي. ڏياريءَ تي گهرن ۾ مٺايون تيار ڪيون وينديون آهن ۽ مائٽن، پاڙيسرين ۽ دوستن ۾ ورهايون وينديون آهن. هڪ ٻئي کي مٺائي کارائڻ خوشي، محبت ۽ پنهنجائپ جي علامت آهي.
راجا دشرت ۽ سندس واعدو: ڏياريءَ جي تاريخ جو تعلق رامائڻ جي عظيم ڪهاڻيءَ سان آهي. راجا دشرت ايوڌيا جو بادشاهه هو. رامائڻ موجب سندس ٽي مکيه راڻيون هيون: ڪوشليا، ڪيڪئي ۽ سمترا. راجا دشرت ڪيڪئيءَ سان هڪ واعدو ڪيو هو. جڏهن ڪيڪئيءَ اهو واعدو ياد ڏياريو ته هن پنهنجي پٽ ڀرت کي بادشاهه بڻائڻ ۽ رامچندر کي چوڏهن سالن لاءِ بنواس موڪلڻ جو مطالبو ڪيو. راجا دشرت لاءِ اها انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال هئي، ڇاڪاڻ ته رامچندر سندس پيارو پٽ هو، پر هو پنهنجي ڪيل واعدي کان پوئتي هٽڻ نٿي چاهيو.
رگهو ڪل جي روايت بابت مشهور چوڻي آهي:“رگهو ڪل ريِت سدا چلي آئي، پران وڃي پر وچن نه وڃي.” يعني رگهو خاندان جي روايت اها رهي آهي ته جان ڀلي هلي وڃي، پر ڪيل واعدو نه ٽٽڻ گهرجي. هي واقعو اسان کي سيکاري ٿو ته انسان جي عزت سندس قول ۽ ڪردار سان هوندي آهي. واعدو ڪرڻ آسان آهي، پر ان کي نڀائڻ لاءِ قرباني ۽ حوصلو گهرجي. رامچندر، سيتا ۽ لڇمڻ جي قرباني: رامچندر پنهنجي والد جي عزت ۽ واعدي جي پاسداري ڪندي چوڏهن سالن جو بنواس قبول ڪيو. هو بادشاهه بڻجي سگهيو پئي، پر هن تخت ۽ تاج بدران اصولن ۽ والد جي عزت کي ترجيح ڏني. سيتا به پنهنجي مڙس سان گڏ بنواس وڃڻ جو فيصلو ڪيو. هن محل جي آسائشن کي ڇڏي پنهنجي مڙس جو ساٿ ڏيڻ کي اهميت ڏني. سيتا جي قرباني محبت، وفاداري ۽ ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ جو مثال آهي.
لڇمڻ به پنهنجي وڏي ڀاءُ رامچندر جي خدمت ۽ حفاظت لاءِ چوڏهن سال بنواس ۾ گڏ رهيو. هن پنهنجي آرام ۽ ذاتي خواهشن کي ڇڏي ڀاءُ جي خدمت کي ترجيح ڏني.
انهن ٽنهي جي قرباني اسان کي سيکاري ٿي ته:
- والدين جي عزت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي.
- پنهنجي ڪيل واعدي تي قائم رهڻ گهرجي. - مڙس ۽ زال کي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
- ڀائرن ۾ محبت، خدمت ۽ قرباني جو جذبو هجڻ گهرجي.
راوڻ جي شڪست ۽ حق جي فتح:
بنواس دوران سيتا کي لنڪا جي بادشاهه راون اغوا ڪيو. رامچندر، لڇمڻ، هڻومان ۽ وانر سينا جي مدد سان راوڻ خلاف جنگ ڪئي ۽ آخرڪار کيس شڪست ڏني. راوڻ طاقتور، دولتمند ۽ وڏو بادشاهه هو، پر سندس طاقت کيس حق تي ثابت نه ڪري سگهي. راوڻ جي شڪست اسان کي ٻڌائي ٿي ته ظلم ڪيترو به طاقتور هجي، آخرڪار حق ۽ سچ جي فتح ٿيندي آهي. اسان کي به سماج ۾ ناانصافي، ظلم، نفرت ۽ استحصال خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، ڀلي ظالم ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي. جنني ۽ جنم ڀومي جنت کان به مٿانهين: راوڻ کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ رامچندر کي لنڪا ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي وئي. لنڪا هڪ خوشحال ۽ خوبصورت ملڪ هو. روايت موجب لڇمڻ رامچندر کي اتي رهڻ جي صلاح ڏني، پر رامچندر جواب ڏنو:
“جنني جنم ڀومشچ، سُورگادپي گرياسي.”
يعني ماءُ ۽ مادر وطن جنت کان به وڌيڪ مٿانهان آهن.
جنني اها ماءُ آهي، جيڪا اسان کي جنم ڏئي ٿي، ۽ جنم ڀومي اها ڌرتي آهي، جتي اسان پيدا ٿيا آهيون ۽ جنهن سان اسان جون پاڙون جڙيل آهن.
رامچندر لنڪا جي آسائشن بدران پنهنجي جنم ڀومي ايوڌيا واپس وڃڻ کي ترجيح ڏني. هي پيغام اسان کي پنهنجي ماءُ، ڌرتيءَ، وطن ۽ پنهنجي پاڙن سان محبت ڪرڻ سيکاري ٿو. ڏياري جو اصل پيغام: چوڏهن سالن جو بنواس پورو ڪرڻ ۽ راون کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ جڏهن رامچندر، سيتا ۽ لڇمڻ ايوڌيا واپس آيا ته ماڻهن ڏيئا ٻاري سندن آجيان ڪئي. انهيءَ خوشيءَ جي ياد ۾ ڏياري ملهائڻ جي روايت قائم ٿي.
ڏيئا اوندهه مان روشنيءَ، جهالت مان علم، نفرت مان محبت ۽ ظلم مان انصاف ڏانهن سفر جي علامت آهن.
اڄ اسان کي ڏياري صرف هڪ مذهبي ڏڻ طور نه، پر انسانيت، ڀائيچاري ۽ گڏيل خوشين جي ڏڻ طور ملهائڻ گهرجي.
اچو ته هندو، مسلمان، عيسائي، سک ۽ ٻين سڀني مذهبن جا ماڻهو گڏجي ڏياري ملهايون. هڪ ٻئي جي گهر وڃون، مٺايون ورهايون، هڪ ٻئي کي ڀاڪر پايون ۽ سماج مان مذهبي نفرت ۽ فرق ختم ڪريون.
منهنجي سنڌي شاعريءَ جا چند سٽون:
اڄ هندو مسلم گڏجي سڏجي،
مذهبن جا فرق مٽائي،
هڪ ٻئي کي ڳل لڳايون،
اچو ته اڄ ڏيئا جلايون،
ڏياري جو ڏڻ ملهايون.
اچو ته ڏياريءَ جي روشنيءَ سان محبت، امن، برابري ۽ انسانيت جو پيغام سڄي دنيا تائين پهچايون.
سڄي هندو برادري ۽ دنيا جي سڀني خوشيءَ سان ڏياري ملهائيندڙن کي ڏياري جون لک لک مبارڪون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ