ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مخدوم بلاول کي ارغون سامراج خلاف سنڌي ماڻھن کي منظم ڪرڻ ۽ سنڌي قومي سورمن جو ڀرجھلو ٿيڻ ڪري گھاڻي ۾ پيڙائي شھيد ڪيو ويو ،مخدوم بلاول سنڌي صوفي ازم جو اھو امام ھيو جنھن ارغون سامراج جي قبضي خلاف ۽ سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت بحال ڪرائڻ لاءِ بلاولي تحريڪ جو بنياد و
ڌو اهڙن خيالن جو اظهار عوامي پريس ڪلب ملير جي اڱڻ تي سنڌ ڪلچرل فورم ڪراچي ڊويزن پاران سنڌ جي مشھور صوفي بزرگ ۽ بلاولي تحريڪ جي روح روان شھيد مخدوم بلاول سمونء جي 574ھين جنم ڏينھن جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب کي سنڌ جي قومي مزاحمتي ء رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي ،سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو ،سينيئر صحافي سامي ميمڻ ،سينيئر اديب منير ميمڻ ،سنڌ ڪلچرل فورم جي وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو،سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي اڳواڻ صاحب ڏنو سمون،عوامي تحريڪ جي اڳواڻ امر مگسي ۽ ٻين ڪيو ھنن چيو ته جڏھن ارغون سامراج سنڌ جي قومي خودمختياريءَ تي راتاهو ھڻي سنڌ کي مڪمل طور غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو ۽ ٺٽي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ننگي جارحيت شروع ڪئي تہ مخدوم بلاول شھيد بلاولي تحريڪ جوڙي منتشر ٿيل سنڌي لشڪر،قومي سورمن کي گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي وطن کان لاتعلق بڻيل ماڻھن کي پنھنجي ڌرتيءَ سان ناتو جوڙڻ ۽ ارغون سامراج سان مھاڏو اٽڪائيندڙ سورمن جو ساٿ ڏيڻ جي تبليغ ڪندو رھيو،بلاولي تحريڪ جو مقصد صرف سنڌ جي قومي معاملن تي تبليغ شروع ڪرڻ نه ھيو پر ماڻھن ۾ دين اسلام جي حقيقي تعليم ڏيڻ پڻ ھيو،،پيري مريديءَ جي آڙ وٺي معصوم خلق کي غلام بنائڻ ۽ سندن ملڪيتن ۾ حرثي نگاھون وجھڻ جي نفي ڪرڻ جو پڻ درس ڏنو.ان موقعي تي شھيد مخدوم بلاول جي 574 ھين جنم ڏينھن جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو ،جڏھن ته ،شھباز علي جاکرو ،سڄڻ انڙ، فاروق ڀنگوار، عنايت شاھ ۽ ٻين پڻ شھيد مخدوم بلاول سمونء جي جدوجهد ۽ قربانين تي تفصيلي روشني وڌي
0 تبصرے