English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز: لنجار هائوس کي باهه ڪيس ۾ پڪي ضمانت لاءِ آيل 4 ڄڻا کنڀجي ويا، جتوئي ڀائرن کي 17 جون جي تاريخ ملي وئي
views
|
13th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ مورو واقعي جي داخل ٻن ڪيسن ۾ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضي جتوئي ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻي صوبائي وزير مسرور خان جتوئي جي ٻڌڻي 17 جون تائين ملتوي ٿي وئي آهي جتوئي ڀائرن جي وڪيل گلزار علي عالماڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته عدالت سڳوري کي درخواست ڏني ته پروٽيڪٽو ٻيل جي لاءِ جتوئي ڀائر هاء ڪورٽ ويل آهن جنهن سبب ٻڌڻي لاءِ تاريخ ڏني وڃي عدالت 17 جون تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي هوڏانهن پوليس جي وڏي نفري عدالت جي ٻاهران بيٺل رهي ٻئي طرف نوشهروفيروز جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لنجار هائوس ساڙڻ واري ڪيس ۾ پڪي ضمانت لاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ تاريخ ملڻ بعد واپس ويندڙ ايس يو پي اڳواڻ صمد حسين ڀٽي سندس ڀاء اڪرم ڀٽي، عمران جويو ۽ سجاد کوکر کي عدالت ٻاهران پوليس کنڀي ورتو آهي سندن وڪيلن سينئر وڪيل حاجي مھرو خان ڪلھوڙو ۽ ٻين وڪيلن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پوليس اسان سان بدتميزي ڪري ڌڪا ۽ ٿيلھا ڏئي ايس يو پي تعلقا مورو اڳواڻ صمد حسين ڀٽي سندس ڀاء اڪرم ڀٽي, عمران جويو, سجاد کوکر کي پوليس جي سوين گاڏين جي اٽالن گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسان بيل ڪنفرم ڪرائڻ لاءِ پهتل هيا سين عدالت 17 جون تي تاريخ ملتوي ڪئي آهي پر ان جي باوجود پوليس اسان جي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪا زيادتي آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لنجار هائوس
نوشهروفيروز
0 تبصرے