پاڪستان ۾ پوليو جي وڌندڙ ڪيس هڪ سنجيده قومي مسئلو بڻجي چڪا آهن. جڏهن ته دنيا جا گهڻا ملڪ هن خطرناڪ مرض کي مڪمل طور تي ختم ڪري چڪا آهن، پاڪستان اڃا تائين انهن ملڪن مان آهي جتي پوليو وائرس موجود آهي. هي بيماري ٻارن کي هميشه جي معذوري جو شڪار بڻائي سگهي ٿي، جنهن جي ڪري نه صرف متاثر ٿيندڙ خاندان پر سمورو سماج متاثر ٿئي ٿو. پوليو وائرس جي واپسي صحت جي نظام جون ڪمزوريون پڻ ظاهر ڪري ڇڏيون آهن.
رواں مهيني انسداد پوليو مهم دوران 6 کان 12 مئي تائين ڪراچي ۾ 37 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا قطرا نه پيا پلائي سگهيا، جڏهن ته ڪراچي ۾ 88 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا قطرا پلائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو. اندرون سنڌ جي 21 ضلعن ۾ 66 لک ٻارن کي پوليو جا قطرا پلائي سگهيا، جڏهن ته ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ 27 لک ٻارن کي قطرا پلائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو.
پوليو جي وڌندڙ ڪيسن جي هڪ وڏي وجهه بعض علائقن ۾ والدين پاران وئڪسين کان انڪار ۽ صحت سان لاڳاپيل غلط فهميون آهن. ڪيترن ئي هنڌن تي پوليو ٽيمز کي عوام جي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن جي پويان افواهون ۽ سازشي نظرئي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه سيڪيورٽي خدشن سبب پوليو مهمن ۾ وقفو اچڻ پڻ وائرس جي پکڙجڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ عالمي ادارا لاڳيتو ڪوششون ڪري رهيا آهن. وئڪسين مهمن جي دائري کي وڌايو پيو وڃي ۽ متاثر علائقن ۾ هنگامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. پر انهن ڪوششن جي ڪاميابي عوامي شعور، مقامي اڳواڻن جي حمايت ۽ ميڊيا جي ذريعي آگاهي مهمن تي ڀاڙيل آهي. صرف وئڪسين ڏيڻ سان نه پر سماجي روين ۾ تبديلي آڻي ئي هن بيماري جو مڪمل خاتمو ممڪن آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت، سماجي تنظيمن ۽ مذهبي اڳواڻن کي گڏجي ماڻهن ۾ پوليو وئڪسين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. ڳوٺ ڳوٺ ۽ گهر گهر وڃي والدين کي قائل ڪرڻ گهرجي ته وئڪسين انهن جي ٻارن کي عمر ڀر جي معذوري کان بچائي سگهي ٿي. جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي هن مهم کي سنجيدگي سان وٺون ته پاڪستان به جلد پوليو فري ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
پاڪستان ۾ پوليو وائرس جي موجودگي نه صرف صحت جو مسئلو آهي پر ملڪ جي عالمي ساک تي به منفي اثر وجهي رهي آهي. عالمي ادارا صحت ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن هر سال پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ وڏيون سيڙپڪاريون ڪري رهيا آهن، پر ان جي باوجود نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ لمحا فڪريا آهن. انهن ڪيسن جي موجودگي عالمي سفر تي به اثر وجهي آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن پاڪستاني شهرين لاءِ پوليو وئڪسين سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو آهي.
پوليو وائرس جون پاڙون غربت، گهٽ تعليمي شرح ۽ پسمانده علائقن ۾ صحت جون سهولتون گهٽ هجڻ سان به لاڳاپيل آهن. پاڪستان جي ڏورانهن ۽ قبائلي علائقن ۾ نه صرف وئڪسين ٽيمز کي رسائي ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون پر اتي جا ماڻهو به جديد طبي سهولتن کان محروم آهن. هن خلا کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت کي بنيادي صحت جو ڍانچو بهتر ڪرڻ ۽ دور افتاده علائقن ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
بدقسمتي سان پوليو جي خلاف جدوجهد دوران ڪيترن ئي پوليو ورڪرز کي جانين جو نقصان به ٿي چڪو آهي. دهشتگرد عناصر پوليو ٽيمز کي نشانو بڻائي هن قومي مهم کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوششون ڪندا رهيا آهن. انهن ورڪرز جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏ حڪومت کي انهن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن اهي بي خوف ٿي پنهنجو ڪم جاري رکي سگهن.
ان کان سواءِ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا پليٽفارمز کي استعمال ڪندي عوام ۾ پوليو خلاف مثبت رويو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. علمائن ۽ مذهبي اڳواڻن کي به پوليو خلاف شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ڪيترائي والدين مذهبي يا ثقافتي سببن جي بنياد تي وئڪسين کان انڪار ڪندا آهن. جيڪڏهن هي پيغام هر گهر تائين پهچي ته پوليو وئڪسين ٻارن جي صحت لاءِ تمام ضروري آهي ته پوءِ اسان هن خطرناڪ بيماري کي جلد پاڪستان مان ختم ڪري سگهون ٿا.
0 تبصرے