مقتول سومرو ڀيل جو خون انصاف گهري ٿو

ڀورا لال سنڌي

مقتول سومرو ڀيل جو خون انصاف گهري ٿو

ٿر جيڪو هميشه امن شانتي وارو خطو ۽ بهترين ماحول فراهم ڪندڙ علائقو رهيو آھي هتان جي امن ڀائيچاري جو مثال پوري ملڪ ۾ به تاريخي طور مڃيو وڃي ٿو ۽ تمام گهٽ ڏوھ پيدا ڪندڙ هن علائقي ۾ ڪڏهن ڪڏھن اڻ گڻڻ جيترا ڏوھ ٿين ٿا هتي عدالتن ۾ مسڪين ماڻھو وڏيرن جي پوليس ڪمداري ڪندي سفينا گٽڪو، شراب يا ٻڪري چوري ڪيس ۾ چالان ڪيا آھن اهو ئي هتي وڏو ڏوھ آھي ڪرمنل ڪرائيم جو ريشو گهٽ رهيو آھي پر 7 مئي تي نئون ڪوٽ عمرڪوٽ روڊ تي ڳوٺ جنهاڻ ڀرسان ڳوٺ ڦوٽو ڀيل جي رهواسي هڪ انسان دوست سياسي سماجي اڳواڻ پ پ پ مينارٽي ونگ ٿرپارڪر جي جنرل سيڪريٽري شاعر ماستر سومرو ڀيل کي هڪ بااثر وڏيري راجا عرف بابر رند ، اڪرم چانڊيو ..ڍولو چانڊيو ،ارشد چانڊيو . اصغر چانڊيو جن پري پلان قتل ڪرڻ جي منصوبو سان هٿيار بندن فائرنگ ڪرڻ بعد ڪهاڙيون کڻي وار ڪري امر سومرو ڀيل کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪيس 5 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آھي پر 2 مک بااثر جوابدارن روپوش آھن جنهن کي ٿر پوليس توڙي ڊي آ ءَ جي ميرپورخاص هڪ جي آءِ ٽي ٽن ايس ايس پيز تي قائم ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو پر ان تي ڪابه خاص جانچ نه ٿي نه ڪئي ۽ ان کي فريادي پٽ اعتراض ورائي ختم ڪئي 20 ڏينهن واقعي کي ٿيڻ باوجود مک جوابدار بااثر راجا عرف بابر حيات رند ۽ اڪرم چانڊيو هاءَ ڪورٽ سرڪٽ بيچ ميرپورخاص مان پروٽيڪشن بيل وٺي سيشن ڪورٽ مٺي پهتو هو جتي عدالت سڳوري فريادي سومري ڀيل جي پٽ سورج ڀيل ۽ ناليواري وڪيل مير پرويز اختر ٽالپر ۽ مقامي نامور وڪيلن دليل ڏيئي پرامن خطي ۾ قتل ڪيس جي ٻنهي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرائي ڇڏي جنهن بعد وڄوٽو پوليس کي چمڪو ڏيئي فرار ٿي ويا آھن جڏھن ته 3 جوابدار ارشد چانڊيو . ڍولو چانڊيو ، اصغر گرفتار آھن مقتول جي وارثن جي مسلسل احتجاج ۽ ڌرڻن باوجود بااثر جوابدار پوليس گرفتار ڪري نه سگهي آھي گذريل ڏينهن احتجاج بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ پاران ڊي ايس پي ماجد قائم خاني جي اڳواڻي ۾ 3 انسپيڪٽرن مبارڪ راڄڙ ، قادر بخش بهراڻي ، ايس ايڇ او وڄوٽو مشتاق ملڪ کي به شامل ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ ۽ ڪيس متعلق جانچ ڪرڻ جو حڪم ڪيو آھي پر فريادي ڌر مک جوابدار راجا عرف بابر رند ۽ اڪرم چانڊيو کي گرفتار نه ٿيڻ ڪري پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو آھي پ پ پ قيادت پ پ سينيٽر وڪيل پونجومل ڀيل. ايم پي اي ارباب لطف الله. وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار ۽ پ پ پ مينارٽي ونگ جي صوبائي صدر ڊاڪٽر لالچند اُڪراڻي ۽ ٻين چونڊيل نمائندن خاص دلچسپي وٺي پوليس جانچ سميت پريوار سان مسلسل رابطي ۾ آھن ۽ انهن متاثر خاندان جي وس آهر مدد ڪئي ۽ خاطري ڏياري آھي انهي کان علاوه پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، ضلعي وائيس چيئرمين ڪملا ڀيل، قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو سميت ڪيترن ئي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ وڪيلن سميت هزارين ماڻھن تڏي تي پهچي همدرديون ۽ آٿتون ڏيئي تعزيتون ڪيون اڄ به ڪلهو ڪلهي سان ملاڻي سومرو جي خاندان سان گڏ بيٺل آھن امر سومرو ڀيل 2022 ۾ ماستر ٿيو هو انهي کان اڳ قومي اڳواڻن سان گڏ به رهيو سومرو ڀيل جا چار ڀائر دودو، ميهار، سوڍو پيرسن ڦوٽو ڀيل ۽ ماءُ زنده آھن پٽ سورج، سنگيت بابو، ساحر بابو، ڌي سنڌو ۽ وني به سوڳوارن ۾ آھن ڪيس ۾ فريادي وڏو پٽ سورج آھي ان جو چوڻ آھي ته آئون پوليس جانچ مان مطعمن نه آھيان بابا جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ کان اڳ خاموشي سان نه ويهندس اسان وس وارن اختيارين کي انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا.