ورلڊ پريس فريڊم ڊي هر سال 3 مئي تي سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد صحافت جي آزادي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن صحافين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي، جيڪي سچ ڳالهائڻ لاءِ خطرا کڻن ٿا. گڏيل قومن 1993ع ۾ هن ڏينهن کي رسمي طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو ته جيئن صحافين جي تحفظ ۽ اظهار جي آزادي جي حمايت ڪري سگهجي. ميڊيا جي آزادي ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنيادي ستون آهي. هڪ آزاد ميڊيا اها قوت آهي، جيڪا حڪومتن کي جوابده بڻائي ٿي، عوام کي باخبر رکي ٿي ۽ سماجي ناانصافين جي خلاف آواز اٿاري ٿي.
بدقسمتي سان، اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ صحافين کي دٻاءُ، سينسرشپ، جيل ۽ جيئري رهڻ تائين جي خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪجهه حڪومتون ميڊيا تي پابنديون لڳائي سچ لڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، جيڪا نه صرف اظهار جي آزادي جي ڀڃڪڙي آهي، پر معاشري جي ترقي لاءِ به هاڃيڪار آهي. ان ڏينهن جو پيغام آهي ته اسان کي فرد ۽ سماج جي حيثيت سان صحافين جي حقن جو دفاع ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجو ڪم ڪري سگهن. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته صحافت رڳو هڪ پيشو نه آهي، پر اها خدمت آهي جيڪا معاشري کي باشعور، باخبر ۽ خبردار ڪري ٿي.
پريس جي آزادي اهڙو حق آهي، جيڪو عوام کي سچ ڄاڻڻ جو موقعو ڏئي ٿو. جڏهن صحافي بنا خوف ۽ دٻاءُ جي حقيقتون سامهون آڻين ٿا ته ان سان معاشري ۾ شفافيت اچي ٿي ۽ ماڻهن جو سرڪاري نظام تي اعتماد بحال ٿئي ٿو. هن ڏينهن جو مقصد آهي ته دنيا ۾ ميڊيا جي آزادي جي اهميت تي زور ڏنو وڃي. صحافين کي اڪثر حساس موضوعن تي رپورٽنگ ڪرڻي پوي ٿي، جيڪي ڪجهه حلقن کي نه وڻن، جهڙوڪ ڪرپشن، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون، يا حڪومتن جون ناڪام پاليسيون. اهڙين حالتن ۾ صحافين کي ڌمڪيون، تشدد، يا ڪوڙا ڪيس به منهن ڏيڻو پوي ٿو. ورلڊ پريس فريڊم ڊي اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي انهن مشڪلاتن جي باوجود سچ جو ساٿ ڏيڻو پوندو.
عوام جي ذميواري آهي ته اهي آزاد صحافت جي حمايت ڪن ۽ اهڙن ميڊيا ادارن جو ساٿ ڏين، جيڪي غيرجانبدار، تحقيقاتي ۽ سچ تي ٻڌل رپورٽنگ ڪن ٿا. فئڪ نيوز، پروپيگنڊا ۽ سينسرشپ جي هن دور ۾ ذميوار صحافت جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي. ورلڊ پريس فريڊم ڊي اسان کي سيکاري ٿو ته سچ جي تلاش هڪ مسلسل جدوجهد آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جا معاشرا انصاف تي ٻڌل هجن، ته پوءِ اسان کي صحافتي آزاديءَ جي اصولن جي حفاظت ڪرڻي پوندي. صحافي رڳو خبرون نه ڏين ٿا، پر سچ کي آواز ڏين ٿا ــ ۽ اها آواز ئي بهتر مستقبل جي ضمانت آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪراري حالتن دوران ٻنهي ملڪن جي صحافين جو ڪردار نهايت اهم، حساس ۽ دو طرفو هوندو آهي. اهڙين حالتن ۾ صحافت جو مقصد رڳو خبرون پهچائڻ نه، پر ذميواريءَ سان حالتن کي بهتر ڪرڻ، غلط فهميون ختم ڪرڻ، ۽ جنگي جنون کي گهٽائڻ به هجڻ گهرجي. بدقسمتي سان، ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي پاسن جو ميڊيا قوم پرستي ۽ دشمني کي هٿي ڏئي ٿو، ۽ ريتنگ جي ڊوڙ ۾ سنسني خيز خبرون ۽ ڀڙڪائيندڙ ٻولي استعمال ڪري ٿو، جيڪا حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ٿي.
بهتر ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي باشعور ۽ ذميوار صحافي ۽ ميڊيا ادارا اهڙا به آهن، جيڪي حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ ڪن ٿا، جنگي بيانيي کان پاسو ڪن ٿا ۽ امن ۽ ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏين ٿا. اهي پنهنجا پليٽفارمز غلط معلومات جي خلاف استعمال ڪن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تنهن ڪري، جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جا صحافي پيشاوراڻي ايمانداري، غيرجانبداري ۽ سچ کي پنهنجو اصول بڻائين ته اهي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
0 تبصرے