English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌيو ميدان تي نڪرو، ناٽڪن کي ٿڏي ڇڏيو، سازشن کي رد ڪري ڇڏيو: اياز لطيف پيجو
views
|
18th May 2025
•
سنڌي خبرون
گولاڙچي(رپورٽر)6 نوان ڪئنال ٺاھي سنڌو درياھ تي ڌاڙي ۽ زمينن جي نيلامي خلاف گولاڙچي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن باءِ پاس چوڪ کان پيادل مارچ ڪري شھر جي مختلف علائقن مان مان ٿيندو شھيد فاضل راھو چوڪ تي پھتو جتي جلسہ عام تبديل ٿي ويو پيادل مارچ ۾ عورتن پڻ تعداد ۾ شرڪت ڪئي، مارچ ۾ بچل احمداڻي، رشيد گوپانگ شازيه احمداڻي، بختاور جمالي، گيانچند مھيشوري، اصغر نوتڪاڻي، عبدالله چانڊيو، لاڻو ڀيل، يوسف لاشاري، سانول گوپانگ لالچند ڀيل، حسين درس،سڪندر ڪاٺٻانڀڻ، سومار سولنگي، اسماعيل مھيري،علي اڪبر کوسو ۽ ٻيا شامل ھئا. جلسي عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌين سان دوکو ڪيو ويو آهي. حڪمران سنڌ جي عوام کي ڏٽا ۽ سکڻا دلاسا ڏيئي سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھين پيا ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون تين وال ڪن پيا. جڏھن تہ سنڌ جي پيرن ھيٺان زمين پئي نڪري پر حڪمران سنڌ جي عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ واھ واھ ۽ مبارڪون مبارڪون جون صدائون ھڻيو جشن پيا ملھائين، پٺيان ڪئنالن جو ڪم جاري آھي ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي الاٽ پيون ٿيئن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌيو ميدان تي نڪرو، ناٽڪن کي ٿڏي ڇڏيو، سازشن کي رد ڪري ڇڏيو، جدوجهد جو ھڪڙو طريقو آهي رستن، گھٽين، مين روڊن تي مسلسل ھلندا رھو ڪنهن بہ ڊرامي ڪنهن بہ ھٿ ناٽ جو شڪار نہ ٿيو ڪنهن بہ ڪوڙي خوشخبري کي چيڪ ڪرڻ کانسواءِ ان جي پويان نہ لڳو حڪومت جي ھڪڙي ٽيم گڏجي حڪومت جي ٻئي ٽيم سان ڳالھيون ڪري سنڌين کي ٻڌائين پيون توهان جو مسئلو حل ٿي ويو آهي ٻئي ڌريون ھنيون حڪومت جون انھن ٻنهي گڏجي ڪيو. سنڌ حڪومت شريڪ آھي سنڌ جي پاڻي جي ڌاڙي ۾ تنهنجي ڪري ٻئي اسان جا مخالف آهن، سنڌ جا ويري آهن ان جي خلاف جدوجهد جاري رکو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڪو ڊيم ڪون ٺاھيو ويو آهي جنهن ۾ برسات جو پاڻي اسٽور ٿئي، بلوچستان مان جيڪو ٻوڏ جو پاڻي اچي ٿو اھو گڏ ڪري سنڌ جي ماڻهن کي ڏجي، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وفاقي يونيورسٽيون نٿيون ٺھن سنڌ ۾ روزگار جا موقعا ڪون آھن ليپٽاپ بہ لاھور جي شاگردن لاءِ آھن اليڪٽرڪس موٽر بائيڪس بہ لاھور جي شاگردياڻين لاءِ آھن اوورسيز پاڪستانين جي پروگرام ۾ پنجاب جا ماڻهو آھن انڊسٽري گجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ فيصل آباد ۾ لڳندي سنڌ جي ڪوٽڙي، گھوٽڪي، ڌاٻيچي ۽ نوري آباد جي انڊسٽري بند ڪبي سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ صنعتون نہ لڳنديون اھي پاڪستان جي مفاد ۾ ڪون آھن صنعتون لاھور ۾ لڳنديون اھي ملڪ جي مفاد ۾ آھن ڊيم بہ پنجاب ۾ ٺهندو تہ ملڪ جي مفاد آھي ۽ سنڌ ۾ بئراج نہ ٺهندو اھو ملڪ جي مفاد ۾ ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪو ماڻهو ڪيٽي بندر ويندو ان جي تلاشي ٿيندي، جيڪو سلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر ويندو ان جي تلاشي ورتي ويندي لاھور سميت پنجاب جا شھر خوبصورت ٺھندا اتي ڪاٽيج انڊسٽري ھڻبي اتي صنعتون ٺھنديون ۽ سنڌين کي ڏبي بک، پنڻ جا پروگرام ۽ انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪارڊ ۽ پوءِ ان جي عيوض چوندا تہ ووٽ ڏيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ صرف ڌرتي نہ ۽ صرف درياءَ بہ نہ پر درياءَ ۽ ڌرتي ٻئي، تنھنجي ڪري رُڳو ڪينال روڪي فقط درياءَ ناھي بچائڻو پر درياءَ سان گڏ سنڌ جون زمينون بچائڻيون آھن. درياءَ اسان کي کپي ھن ڌرتي لاءِ، ڪارپوريٽ فارمنگ ختم نہ ٿي ۽ ھي ڌرتي اسان کان کسي وئي، تہ پوءِ خالي درياءَ اسان کي جانور وينجھارڻ لاءِ کپي ڇا؟يا درياءَ اسان کي ٽٻيون هڻڻ لاء گھرجي ڇا اسان کي درياءَ ۽ درياءَ جو پاڻي کپي ھن ڌرتي لاءِ، تنھنڪري پھرين ھي ڌرتي بچڻ کپي ۽ ان ڌرتي کي بچائڻ لاءِ سنڌي سڀ گڏ آھيون، سڀ ھڪ للڪار آھيون، قدم قدم ٿي ھڪڙو قافلو بڻجي ويا آھيون ۽ اھو قافلو تيسيتائين ھلندو جيستائين درياءَ ۽ ڌرتي موٽائي ست ڪروڙ سنڌين جي حوالي نٿو ٿئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪئنال ٺهيا تہ سنڌ ڪربلا جو ميدان هوندي ماڻهو هڪ ڍڪ لاءِ تڙپندا.ٽن صوبن کي ريگستان بڻائي هڪ صوبي کي سرسبز بڻائڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟ ملڪ رواداري، برابري ۽ انصاف تي هلن ٿا، نہ ڪي تعصب ۽استحصال تي. هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 70 سيڪڙو آهي سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويندي اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪينال ھر ان ماڻهوءَ جو مسئلو آهي جيڪو سنڌ ۾ رھي ٿو جنهن وٽ ڀلي هڪ جريب زمين بہ نہ هجي، حڪمرانن کي مڳي آهي اھي سمجهن ٿا تہ سنڌي سندن کيسي ۾ پيل آهن انهن جو دماغ خراب آهي سنڌي غلام نہ آھن ھو پنهنجي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ۽ ڪارپوٽريٽ فارمنگ جي نالي سان زمينن تي قبضو ٿيڻ ڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھنن بدي ۽ ڏيوٺ جي سڱاوتي ڪئي آھي، ھي وقت مايوس ٿيڻ، ٿڪجڻ، روئڻ، بھانا ڪرڻ، ڳوڙھا ڳاڙڻ ۽ گھر ويھڻ جو ناھي، ھي وقت ڳاٽ اوچو ڪري، جھر جھنگ سجاڳ ڪرڻ ۽ گھٽي گھٽي ۾ مزاحمت ڪرڻ جو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ بک، بدامني ۽ غربت ۾ گھيريل آهي نوان ڪينال ٺاهڻ ۽ زمينن تي قبضو سنڌ جو مستقبل داءُ تي لڳائڻ آهي. سنڌو درياھ جو رستو بند ڪري ملڪ جي وحدت سان نہ کيڏيو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ چشما ۽ تونسه واهن کي مسلسل وهائڻ ۽ نوا ڪينال ٺاهڻ غير آئيني عمل آهي. سنڌ جي هاري ۽ مزدور کي ٻن وقتن ماني لاءِ محتاج بڻايو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي سيڪريٽريٽ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ سنڌ جي ڪا بہ نمائندگي ناهي سنڌ جي ملازمن سان وفاقي کاتن ۾ امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي وفاق سمجهي تہ سنڌ جي عوام جي صبر جو پیمان ختم ٿي رهيو آهي، دير نہ ٿي وڃي سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام نشانو بڻجي رهيو آهي وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جون شڪايتون ڇو نہ ٻڌي رهيون آهن؟اياز لطيف پليجي چيو تہ زرداري شهباز نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ جي مستقبل کي داءُ تي لڳائي سنڌي تهذيب کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، سنڌو درياءَ جو رستو روڪي پاڪستان جي يڪجهتي امن امان جمهوريت سان نہ کيڏيو وڃي سنڌو درياءُ مان نوان ڪئنال جي تعمير پاڪستان جي بقاءَ لاءِ خطرناڪ سازشون آھن، سنڌ پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت چاهي ٿي، سنڌ کي ٻڌايو وڃي تہ سنڌ جو قصور ڪهڙو آھي جو سنڌ جو پاڻي بند ڪري درياءَ سنڌ مان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. سنڌ کي پٽ سان لڳايو پيو وڃي. سنڌ جي تهذيب ۽ قومي سڃاڻپ درياءَ کسيو پيو وڃي، اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جي عوام جي حقيقي نمائندگي ڪرڻ واريون اسميبليون موجود ناهي اسميبليون چورن ڌاڙيلن ڦورن جي حوالي آھن. سنڌ جي هاري ناري مزدور کي ماني لاءَ محتاج بڻايو ويو آھي، پيپلزپارٽي ۽ زرداري سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ جا غريب سُڏڪويل ڏُکويل ماريل هيسيل ماڻھو اڄ بہ پٿر واري دور جي ماڻھن جيان جيئڻ تي مجبور آھن، زرداري، شهباز شريف پنهنجي عارضي مفادن جي لاءِ فيڊريشن کي نقصان پهچائڻ بند ڪن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th May 2025
•
شوبز
پاکستان کی مشہور اداکارہ نیلم منیر نے بھارتی جارحیت پر کھل کر اپنی رائے کا اظہار
18th May 2025
•
تازہ ترین
آرمی چیف کے شکر گزار ہیں جن کی قیادت میں ہم دشمن کی آنکھوں میں آنکھیں ڈال کر مقابلہ کر سکتے ہیں۔صدر آصف علی زرداری
18th May 2025
•
تازہ ترین
پاکستان نے بھارتی دعوے کو رد کیا کہ حملے کی پیشگی اطلاع دی گئی تھی
18th May 2025
•
تازہ ترین
بھارت اگر پانی روکنے کی کوشش کرے گا تو اس کے نتائج بہت عرصے تک محسوس کیے جائیں گے؛ پاک فوج کا ترجمان
18th May 2025
•
شوبز
پاکستان کی مشہور اداکارہ نیلم منیر نے بھارتی جارحیت پر کھل کر اپنی رائے کا اظہار
18th May 2025
•
تازہ ترین
آرمی چیف کے شکر گزار ہیں جن کی قیادت میں ہم دشمن کی آنکھوں میں آنکھیں ڈال کر مقابلہ کر سکتے ہیں۔صدر آصف علی زرداری
18th May 2025
•
تازہ ترین
پاکستان نے بھارتی دعوے کو رد کیا کہ حملے کی پیشگی اطلاع دی گئی تھی
18th May 2025
•
تازہ ترین
بھارت اگر پانی روکنے کی کوشش کرے گا تو اس کے نتائج بہت عرصے تک محسوس کیے جائیں گے؛ پاک فوج کا ترجمان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پيجو
سنڌيو
گولاڙچي
سنڌو درياھ
0 تبصرے