ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي پپري ۾ ھڪ مھيني کان پيئڻ جو پاڻي بند، ڳوٺاڻا احتجاج احتجاج ڪندي رستن تي نڪري آيا، پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جي ڇتي نعريبازي، مسلسل يوسي ۽ ٽائون انتظاميا اڳيان دانهيندا اچون پر ڪو به کڙ تيل نه ٿيو آهي، پاڻي جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، تفصيل موجب ملير جي پپري واري علائقي ۾ گذريل هڪ مهيني کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي جنهن خلاف پپري جي شاھنواز ڳوٺ، سنڌي ڳوٺ سميت مختلف ڳوٺن جا رهواسي احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا، هنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، هو پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جي سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي امدا لاشاري، فھيم ميمڻ، راحب سرگاڻي، واحد سمون، فيصل ميمڻ، اظهار سولنگي ۽ ٻين رھواسين جو چوڻ ھو ته اسان جو ھڪ مھيني کان بنا جواز جي پيئڻ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي اسان پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان آھيون، هنن چيو ته اسان مسلسل ٽائون انتظاميا ۽ يو سي انتظاميا اڳيان دانهيندا پيا اچون ته پپري ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي پر انتظاميا هن مهل تائين ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
0 تبصرے