English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ پوليس ۾ جعلي ڊوميسائل تي ڀرتي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ عورت سميت 7 اميدوار پڪڙي پيا
views
|
08th May 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ جي هدايتن تي ڊي ايس پي ايس ايس يو جعلسازي ڪندڙ 7 اميدوارن خلاف عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي تي ڀرتي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ عورت سميت 7 اميدوار پڪڙي پيا، ڪيس داخل، ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ جي هدايتن تي ڊي ايس پي ايس ايس يو جعلسازي ڪندڙ 7 اميدوارن خلاف عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو. جنهن ۾ فراڊ جا قلم شامل ڪيا ويا. ايف آءِ آر جي متن موجب 2021 ۾ ايس ايس يو ۾ ڪانسٽيبلز جي ڀرتين لاءِ اشتهار ڏنو ويو هو، ڀرتين لاءِ سنڌ جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي لازمي قرار ڏني وئي هئي، ٽيسٽ پاس ڪندڙن جا انٽرويو ڪيا ويا، اميدوارن ڪاغذ جمع ڪرايا، جيڪي تصديق لاءِ اماڻيا ويا، 7 اميدوارن جا ڊوميسائل لاڳاپيل آفيسن جعلي قرار ڏنا، جعلي ڪاغذن ذريعي نوڪري حاصل ڪرڻ ڏوهه آهي، جعلسازي ڪندڙن ۾ وقاص، اختر علي، اڪبر، نعيم، نبيل، عشرت ۽ شهزاد شامل آهن، متن موجب وقاص ولد شوڪت علي 28 مارچ 2016 تي اولهه ضلعي مان ڊوميسائل پي آر سي ٺهرايا، اختر علي زيب ولد شير زيب7 ڊسمبر 2017 تي اولهه ضلعي ۾ ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايا، اڪبر علي ولد نثار حسين 2008 ۾ اوڀر ضلعي مان ڊوميسائل پي آر سي ٺهرايا، نعيم ولد قربان علي 2015 ۾ اوڀر ضلعي جو ڊومسائيل ۽ پي آر سي ٺهرائي، محمد نبيل ولد شيراز 2017 ۾ ڏکڻ ضلعي جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايو، عشرت ڌيءَ محمد اسلم 2016 ۾ ملير ضلعي جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايو ۽ شهزاد ولد رحمت الله 2015 ۾ ملير ضلعي جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايو. جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ پوليس
جعلي ڊوميسائل
ڊي آءِ جي
ايس ايس يو
ڊي ايس پي
0 تبصرے