English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
17تاريخ تي پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ڏينهن جا تارا ڏيکارينداسين: لال مالهي جو ڌماڪيدار اعلان
views
|
14th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سياسي گرما گرمي عروج تي، درياءَ بچايو تحريڪ جو وڏو جلسو اڄ ٿيندو, جونيئر ذوالفقار کي به شرڪت جي دعوت
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سياسي منظرنامو تيزيءَ سان گرم ٿيندو پيو وڃي، درياءَ بچايو تحريڪ ۽ گڏيل پارٽين پاران اڄ 15 اپريل تي هڪ وڏي سياسي جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جي ڊي اي، قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي، جماعت اسلامي، جي يو آءِ سميت ٻين جماعتن جا مرڪزي اڳواڻ ۽ عهديدار شرڪت ڪندا، پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ ٿيل هڪ هجوم ڀريو پريس ڪانفرنس ۾ گڏيل جماعتن جو اميدوار اميدوار لال مالهي، ايڊووڪيٽ ڀڳوان داس ڀيل، ايس يو پي جو گل بجير، فنڪشنل ليگ جو اڳواڻ لياقت جوڻيجو، غلام نبي منڱريو سميت ڪيترائي اڳواڻ شامل هئا، ان موقعي تي لال مالهي جوش ڀري انداز ۾ خطاب ڪندي چيو ته 17 تاريخ تي پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ڏينهن جو تارا ڏيکارينداسين، هنن جي غنڊا گردي هاڻ ختم ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي ته پورو ڌرڻو هڻبو، عوامي راءِ کي پرائيويٽ ماڻهن جي مرضي مطابق سليڪشن ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏينداسين، هن نوجوان اڳواڻ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو کي به جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو ته "خوش آمديد!"، ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کان مخاطب ٿيندي چيو ته بدزباني بدران عوام کي منهن ڏيو، ۽ اليڪشن کان اڳ روئڻ بند ڪريو، لال مالهي واضع طور چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ ڌانڌلي جي امڪانن کان واقف آهي، ان لاءِ ئي رينجرز جي مقرري جو حڪم ڏنو ويو آهي، اڄ جي جلسي ۾ اهم سياسي اڳواڻن سيد صدرالدين شاهه، سيد زين شاهه، صفدر عباسي، راجا ڪامران، حليم عادل شيخ، خضر حيات منڱريو ۽ ٻين اهم شخصيتن جي شرڪت متوقع آهي، جنهن ڪري هي جلسو هڪ تاريخي سياسي اجتماع جي صورت اختيار ڪندو، عمرڪوٽ ۾ اڄ سياسي لهرون تيز ٿي ويون آهن، ۽ عوام جون نظرون هن جلسي تي لڳل آهن ته ڇا هي جلسو ايندڙ اليڪشن جي رخ جو تعين ڪندو؟ هي سوال هاڻ هر زبان تي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
جونيئر ذوالفقار
سياسي منظرنامو ت
لال مالهي
درياءَ بچايو تحريڪ
0 تبصرے