عورت جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ ڪاروڪاري ۽ زوري شادي..!

ليکڪ: ڊاڪٽر نساء رئيساني

عورت جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ ڪاروڪاري ۽ زوري شادي..!

ڇا عورت جو جنم وٺڻ ئي سندس سڀ کان وڏو ڏوهه آهي؟ سنڌ جي ڌرتيءَ تي، جتي شاهه لطيف جي سورمين کي ساراهيو ويندو آهي، اتي اڄ به عورت کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو وڃي ٿو، ته ڪڏهن زوري شاديءَ جي زنجيرن ۾ ٻڌي، کيس جيئري دفن ڪيو وڃي ٿو. ڇا اها ئي آهي ساڻس واعدي ڪيل عزت؟ ڇا اها آهي سماج جي غيرت؟
ڪاروڪاري، قاتلن لاءِ جواز، بيگناهن لاءِ موت جو فيصلو
ڪاروڪاري ڪو انصاف ناهي، اهو ظلم جو لبادو آهي! اهو مرد جي انا، جهالت ۽ طاقت جو اوزار آهي، جنهن سان عورت کي چٿيو وڃي ٿو. هڪ افواهه، هڪ الزام، بنا ثبوت جي فيصلا ڪيا وڃن ٿا، ۽ پوءِ رت سان لکيل موت جو فرمان!
ڇا عورت جو جذبو، ان جي ٻولي، ان جو وار به مردن لاءِ خطرو آهي؟
ڇا مردن جي عزت ايتري ڪمزور آهي جو عورت جي مسڪراهٽ کان به لڏي وڃي ٿي؟
زوري شادي، جيئري عورت جي من ڪٽڻ
ڪيتريون ئي ڇوڪريون، جن جي اکين ۾ روشني، اميدون ۽ خوابن جا رنگ هجن ٿا، انهن کي ڪنهن جي مرضيءَ تي، ڪنهن جي فائدي لاءِ، ڪن عمر رسيده مردن سان بغير رضامنديءَ جي پرڻايو وڃي ٿو.
هن کان پڇڻ وارو ڪو به نه!
هن جي رضامندي جو وزن صفر!
ڇا هن جي زندگيءَ جو مالڪ هوءَ ناهي؟
ڇو ته هوءَ عورت آهي؟
ڇو ته هوءَ هن سماج لاءِ رڳو هڪ "برادريءَ جو مان" آهي؟
اسان جي خاموشي هڪ جرم آهي، خاموش رهڻ، تماشو ڏسڻ ۽ پوءِ سڀ وساري ڇڏڻ، اها بي حسي جي انتها آهي.
جڏهن عورت جا وار ڪٽجن، هن جو ساهه روڪجي ۽ سماج تاڙيون وڄائي، ته پوءِ خاموش رهندڙ، فيصلو ڪندڙ ۽ قاتل سڀئي ڏوهي آهن.
اسان کي هاڻ ڊڄڻ نه گهرجي، ڳالهائڻو پوندو:
قاتلن لاءِ سخت قانون ۽ فوري سزا:
ڪاروڪاري جي نالي تي قتل "غيرت" نه، بلڪه بي رحماڻو قتل آهي. قاتل لاءِ رحم نه، سزا گهرجي!
عورت جي مرضيءَ کي قانوني تحفظ:
شادي صرف تڏهن جائز آهي، جڏهن ٻنهي ڌرين جي رضا شامل هجي. نه ته اها غلامي آهي، نڪاح نه.
تعليمي انقلاب:
عورتن کي تعليم، شعور ۽ پاڻ فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻ گھرجي. ائين ئي ظلم جي زنجير ٽٽي سگھي ٿي.
سماج لاءِ آئيني ڏيک:
جيڪڏهن اسان پنهنجن گهرن ۾ عورت کي عزت نٿا ڏيون، ته پوءِ شاهه لطيف جي سورمين جا نالا فقط ڌوکو آهن.
۽ پوءِ سامهون اچي ٿو هڪ ويراڻو منظر.
ڪاروڪاري، قتل عام،
ڪهڙي عدالت؟ ڪهڙا نظام؟
جُرم وساري، قاتل ٽپي،
لاشن جي رستي، رستا ٿين خام.
اچو، نفرت ۽ جبر جي ڀتين کي ڀڃيون، سنڌ جي ڌرتيءَ تي عورتن جو رت وسامي ويو آهي. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان اهو آواز بڻجون، جيڪو انهن لاءِ دٻايو ويو هو.
اچو ته اهڙو سماج جوڙيون، جتي عورتن کي پنهنجي زندگيءَ تي اختيار هجي، جتي محبت کي جبر جي ڇانو نه ويڙهي، جتي شادي، قتل جو حڪم نه، پر محبت جي چونڊ هجي.
ها، مان عورت آهيان.
مان بي آواز نه آهيان،
مان جيئنديس، ڳالهائينديس ۽ وڙهنديس.
۽ منهنجو نالو آهي نساءَ